با اثرن جي قبضي خلاف متاثرن جو احتجاج

گھوٽڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي)ريلوي اسٽيشن ڀر سان دوڪانن ۽ گھرن تي قبضي خلاف رهواسين جو احتجاجي مظاھرو غلام مصطفي ميمڻ عبدالرحيم ميمڻ  الھوڌايو ميمڻ غلام مرتضيٰ ميمڻ عاشق علي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو اسان جي خانپور روڊ تي سروي نمبر 468 جي 20 ويسا زمين موجود آھي جيڪا 3 حصن  ۾ ورھائڻي آھي. بااثر انور علي سجاد علي اعجاز علي جاويد علي مختيار  قائم علي ظفر علي رحمت الله لائق ۽ گلزاز آرائين پوليس روينيون عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري دوڪانن ۽ گھرن تي قبضو ڪرايو آھي الھوڌائي چيو ته اسان جو ھائي ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ ھيو جڏھن ته ھائي ڪورٽ حڪم پڻ جاري ڪيو آھي ته اھا جڳهه ٽن حصن ۾ ورھائي وڃي انھن ھائي ڪورٽ جي حڪم کي ٿڏي قبضو ڪرايو آھي ان موقعي تي متاثر چيف جسٽس  ھاء ڪورٽ سيشن جج سميت ڊي سي گھوٽڪي کي اپيل ڪئي ته خدارا پوليس ۽ روينيون عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو