باٿ روم جي مرمت ۽ سينگارلاءِ 25 هزار ڊالر منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي سيڪريٽري نيو يارڪ ۾ مستقل نمائندي جي گهر جي باٿ روم جي مرمت لاءِ 25 هزار ڊالر خرچ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جيو نيوز پنهنجي ذريعن جي حوالي سان وزارت مان جاري ڪيل خط جي بنياد تي خبر ڏني آهي اها رقم 42 لک روپيا بڻجي ٿي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو منير اڪرم آهي جنهن جي گهر جي مرمت لاءِ حڪومت اڳ م ئي اڍائي لک ڊالر منظور ڪيا هئا جنهن مان 50 هزار ڊالر خرچ ٿي به چڪا آهن ۽ هاڻي منظور ڪيل 25 هزار ڊالر ان کان علحده آهن. هڪ پاسي ڪورونا سبب پاڪستاني معيشت بري طرح متاثر آهي ته ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان بچت مهم شروع ڪئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ شخص جي باٿ روم جي سينگار لاءِ 25 هزار ڊالر منظور ڪيا ويا آهن جيڪو حڪومت جي بچت وارين ڪوششن لاءِ هڪ وڏو ڌچڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو