سدا حيات هيرو دليپ ڪمار جي رياستي اعزاز سان تدفين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو سدا حيات هيرو ۽ دنيا جو ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار 98 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. دليپ ڪمار جي وارثن پاران سندس ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اداڪار جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي وئي آھي. دليپ ڪمار کي ساھ جي تڪليف سبب ممبئي جي نجي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو ھو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. دليپ ڪمار جي ڊاڪٽر جليل پالڪر موجب اداڪار ڀارتي وقت موجب 7 لڳي 30 منٽن تي آخري ساهه کنيو. دليپ ڪمار کي رياستي اعزا سان دفنايو ويو. سندس جنازي ۾ رڳو 20 ماڻهو شريڪ ٿيا، پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. بالي ووڊ جا سمورا نامور آرٽسٽ سندس گهر پهتا ۽ تعزيت ڪئي. دليپ ڪمار جي نالي سان مشھور يوسف خان 1922 تي پشاور جي خداداد پاڙي ۾ پيدا ٿيو ۽ ھُن جو اباڻو گھر اڄ بھ پشاور ۾ موجود آھي. جنھن کي صوبائي حڪومت قومي ورثو قرار ڏئي عجائب گھر ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.شھنشاھ جذبات جو لقب حاصل ڪندڙ دليپ ڪمار کي ڀارتي فلمن جو سڀ کان وڏو اعزاز دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ سان نوازيو ويو ھو، ھُن کي پاڪستاني حڪومت پاران 1998 ۾ نشان پاڪستان جو ايوارڊ به ڏنو ويو هو. دليپ ڪمار 1940 کان 1960 جي ڏھاڪن تائين ڀارتي سينيما تي ڇانيل رھيو. فروٽ جي واپاري غلام سرور خان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ يوسف خان 12 ڀيڻ ڀائرن ۾ چوٿين نمبر تي هو. جڏهن سندس عمر 12 سال هئي ته هن جو والد بمبئي منتقل ٿيو. سندس والد جو ڪاروبار نقصان ۾ هليو ويو ته هن نوڪري جي ڪوشش ڪئي پر ڪم نه بڻيس. سندس ملاقات بمبئي ٽاڪيز جي ديويڪا سان ٿي جنهن کيس اداڪاري جو مشورو ڏنو ۽ ان زماني ۾ 500 روپيا پگهار ۽ سال ۾ 200 روپيا واڌاري جي آفر ڏني جيڪا هن قبول ڪئي ۽ فلمي دنيا ۾ پير پاتو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو