بار جون چونڊون ڪاميابي ڪنهن جو مقدر بڻبي

تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

هر پنجن سالن کانپوءِ مهذب پيشي سان سلهاڙيل وڪيلن جي بار ڪائونسل جون چونڊون پوري ملڪ جي مڙني صوبن ۾ 28 نومبر ڇنڇر ڏينهن ٿي رهيون آهن، جنهن دؤران ملڪ جا لکين وڪيل ايندڙ پنجن سالن لاءِ پنهنجن صوبن ۾ صوبائي سطح جي ميمبرن کي ووٽ ڪندا، اڳ ۾ ته مختلف وقتن تي ڌار ڌار ٽائيم موجب صوبن اندر اليڪشن ڪرائي ويندي هئي پر هن دفعي پاڪستان بار ڪائونسل طرفان پوري ملڪ اندر هڪ ئي وقت مختلف صوبن جي بار ڪائونسل جون چونڊون ٿي رهيون آهن، ملڪ جي مڙني صوبن ۾ جتي اليڪشن جو ڏينهن ويجهو ايندو پيو وڃي، تيئن ئي ورڪ مهم جو جوش ۽ جذبو ڏينهون ڏينهن عروج تي پهچندو پيو وڃي، اميدوارن پاران ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳايو پيو وڃي، هڪ ئي فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي ناتي سان ڪوبه ووٽر وڪيل ڪنهن به بيٺل اميدوار کي ”ووٽ نه ڏيڻ“ چوڻ کي عار سمجهي ٿو ۽ هر اميدوار پنهنجي ڪاميابي جا خواب ڏسي رهيو آهي، پوري ملڪ جيان سنڌ جي بار ڪائونسل طرفان به ڪراچي کان ڪشمور تائين ورڪ مهم تيزي سان هلي رهي آهي، صوبي جي مختلف وڏين بارن کان وٺي ننڍين ننڍين بارن تائين سڄو ڏينهن اليڪشن چهچٽو، گڏوگڏ دعوتن جو سلسلو به جاري آهي. سنڌ جي راڄڌاني بار ڪراچي ۾ ته اميدوارن پاران سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن دؤران ورڪ مهم ميل جول ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ساڳي وقت اميدوارن کي ڀرپور ساٿ ڏيڻ ۽ ڪنهن کي هٿ کڻائڻ جو سلسلو به جاري آهي، روشنين واري شهر ڪراچي جي اُها بار آهي جتي پوري ملڪ جي چئني صوبن سان لاڳاپيل مختلف ٻولين سان تعلق رکندڙ وڪيلن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي، هونئن به عام طور ڪراچي کي سمنڊ ۽ درياهه جو نالو ڏئي بار طور سڃاتو ويندو آهي، هن بار ۾ نه رڳو اردو ڳالهائيندڙ وڪيلن جو تعداد موجود آهي، پر ساڳئي وقت هن ڪراچي بار ۾ پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا سنڌي ڳالهائيندڙ وڪيل هتي وڏي تعداد ۾ موجود آهن، ساڳي ريت پٺاڻ، پنجابي،سرائيڪي توڙي جو ڪشميري وڪيل به هن بار جو وڏو حصو آهن، جيڪي نمايان اهميت رکندڙ ووٽر وڪيل آهن، ڪراچي اندر جتي انفرادي طور وڪيل موجود آهن، جيڪي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، پر گڏوگڏ ڪراچي بار اندر ڪجهه وڏا وڏا فرمز يعنيٰ وڪيلن جا پئنل گروپ به موجود آهن، جيڪي يقينن اهڙن اليڪشني موقعن تي خاص سرگرم هوندي نظر ايندا آهن ۽ سندن ڪراچي اندر اُهي اميدوار جيڪي اليڪشن جو حصو ٿين ٿا، سي اميدوار نه رڳو انهن وڪيل ساٿين وٽ انفرادي ووٽ جي گهر ڪندا آهن پر ساڳي وقت انهن وڏن وڏن پئنلن، فرمن جو ساٿ به سندن ڪاميابي جو سبب بڻجي ٿو.مجموعي طور پوري سنڌ جي بار ڪائونسل جون ٽوٽل 31 سيٽون آهن جن ۾ ڪراچي جون 15 سيٽون آهن جنهن ۾ سڀ ضلعا اچن ٿا، هن وقت ڪراچي مان آيل رپورٽ موجب انهن 15 سيٽن تي 37 اميدوار سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن جتي لڳ ڀڳ 10 هزار کان مٿي وڪيل پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪندي ايندڙ 5 سالن لاءِ ڪراچي گادي واري شهر مان اميدوار آڻڻ جو فيصلو ڪندا، ساڳي ريت صوبي جي ٻي نمبر وڏي بار حيدرآباد جتي جا وڪيل به ورڪ مهم ۾ ڏينهن رات رڌل آهن، هن بار ۾ هميشه جيان هن دفعي به سنڌ بار ڪائونسل جي ٽن سيٽن تي سندن چوٽي جي مقابلي جا نظارا نظر اچي رهيا آهن، مختلف اميدوارن طرفان حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جي بارن تائين پهچي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ وڏين وڏين تقريبن جو انقعاد ٿيڻ جو سلسلو عروج تي آهي،حيدرآباد جي ٽن سيٽن تي مقابلي لاءِ هن وقت 22 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، سندن گڏوگڏ هتي حيدرآباد ۾ بدين، ٿر، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، مٽياري، هالا، سيوهڻ ۽ ٻين ننڍن وڏن بارن جا وڪيل به پنهنجي پنهنجي ضلعن مان بيٺل اميدوارن کي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. حيدرآباد بار ۾ هونئن به اليڪشن چهچٽو وڏي عروج تي هوندو آهي پر هن ڀيري جتي پوري صوبي ۾ نون چهرن پاران پهريون ڀيرو سنڌ بارڪائونسل جي اليڪشن ۾ حصو ورتو پيو وڃي ته اُتي ساڳي ريت حيدرآباد بار جي مڙني سيٽن توڙي ڄامشورو، بدين، مٽياري، هالا ۽ ٻين بارن مان به نوان چهرا سامهون لٿل آهن، هتي هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ڪندو هلان ته حيدرآباد بار کان علاوه جيڪي ٻيا ضلعا يعنيٰ ڄامشورو، ڪوٽڙي يا بدين ضلعي مان اميدوار بيٺل آهن، سي پنهنجي مقامي ضلعي مان ته پراميد هوندي نظر اچن ٿا پر انهن اميدوارن جي اصل ڪاميابي جو سبب حيدرآباد بار جي وڪيلن جو ووٽ ۽ حمايت ئي ڪاميابي جو سبب بڻجندي آهي، ان ڪري حيدرآباد کان علاوه ٻين ضلعن جا اميدوار وڪيلن به هتي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ديرو ڄمائي ورتو آهي ۽ رات ڏينهن پنهنجن پنهنجن ضلعن سان گڏوگڏ حيدرآباد ۾ ورڪ ڪندي نظر اچن ٿا. گذريل 5 سالن واري اليڪشن ۾ جيتوڻيڪ حيدرآباد مان ايترن اميدوارن جو تعداد موجود ڪونه هوندو هيو ۽ سينئر وڪيل حصو وٺندڙن ۾ شامل هوندا هئا پر ماضي جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري نوان ۽ نوجوان وڪيل وڏي جوش ۽ جذبي سان سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن جو حصو ٿي رهيا آهن. حيدرآباد بار مان جيتوڻيڪ اڳوڻو پراسيڪيوٽر جنرل ۽ هر محاذ تي وڪيلن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جنگ جوٽيندڙ، شهدادڪوٽ ڄائو اياز حسين تنيو هن اليڪشن مهم جو سرفهرست حصو آهي پر گڏوگڏ انهن 22 اميدوارن ۾ سينئر وڪيل ظهور احمد بلوچ، غلام الله چانگ، پهريون ڀيرو سنڌ بار ڪائونسل جو حصو ٿيندڙ نوجوان ساٿي دوست سجاد احمد چانڊيو، اڳوڻو اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل ممتاز عالم لغاري، اياز علي راڄپر ۽ حيدرآباد بار جي سينئر ليڊي وڪيل پروين چاچڙ ۽ ٻيا اميدوار ميدان تي لٿل آهن. ايشيا جي وڏين بارن ۾ شمار ٿيندڙ حيدرآباد بار به هڪ نمايان حيثيت رکي ٿي، جتي پوري سنڌ جي شهرن ڳوٺن اتر، لاڙ، ٿر ۽ ڪوهستان سان وابسطه وڪيلن جو وڏو تعداد موجود آهي، ساڻن گڏوگڏ هتي اردو ڳالهائيندڙ وڪيل ساٿي به وڏي اڪثريت سان موجود آهن، ساڳي ريت هونئن حيدرآباد جي هاءِ ڪورٽ بار يا ڊسٽرڪٽ بار جي سالياني اليڪشن ۾ هن بار جون ليڊي ايڊووڪيٽ جيڪي به وڏي ووٽ جي طاقت رکن ٿيون، سي هميشه وڏي مقدار ۾ اليڪشن جو حصو ٿين ٿيون پر هن ڀيري حيدرآباد بار مان جتي 21 مرد وڪيلن حصو ورتو آهي اُتي ليڊي وڪيل هيڏي وڏي اڪثريت هجڻ کانپوءِ صرف ايڊووڪيٽ پروين چاچڙ کان علاوه ڪنهن به ليڊي وڪيل اليڪشن ۾ حصو نه ورتو آهي، حالانڪه هتي مرد وڪيلن سان گڏوگڏ نه رڳو اليڪشني مهم جو حصو ٿيندڙ اهل وڪيل عورتون به موجود آهن پر گڏوگڏ حيدرآباد بار ۾ ايڊوڪيٽ رضيه زمان پاٽولي ۽ ناصره شيخ جي صورت ۾ تمام گهڻيون قابل وڪيل هن بار جو حصو آهن.حيدرآباد کان علاوه جيڪڏهن لاڙڪاڻي ۽ سکر بارن جو ذڪر ڪجي ته اُتي به بيٺل اميدوارن پاران زبردست مقابلي جا امڪان نظر اچي رهيا آهن، سکر بار هونئن به ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، جتي وڪيلن جو وڏو تعداد موجود هجي ٿو، ساڳي ريت لاڙڪاڻو بار جتي جا وڪيلن به وڏي تعداد ۾ هن سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن جو حصو ٿي رهيا آهن، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ ۽ ڪشمور جا وڪيل ٻه سيٽون لاڙڪاڻو بار ۽ هڪ هڪ سيٽ شڪارپور ۽ جيڪب آباد/ڪشمور جي سيٽن لاءِ پنهنجي ووٽ جو حق ادا ڪندي ايندڙ پنجن سالن لاءِ اميدوار آڻڻ جو فيصلو ڪندا، ٻي طرف اليڪشن دؤران جتي ملڪ اندر لکين وڪيل پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪندا اُتي هن دفعو ٻيهر قاتل ڪورونا به تيزي سان پکڙجي چڪو آهي ۽ حڪومت طرفان بار بار ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون پيون وڃن. منهنجي خيال ۾ ته هن ڪورونا وبا جي خوف کان ٿي سگهي ٿو ته هن ڀيري واري اليڪشن ۾ ووٽرن جو تعداد گهٽ ٿئي، جنهن سبب اميدوارن کي ڌچڪو لڳي سگهي ٿو، بهرحال، پوري ملڪ ۾ بيٺل اميدوارن جيان پوري سنڌ جا اليڪشني مهم جو حصو ٿيندڙ وڪيل به پنهنجي مقدر جي ڪاميابي جا پراميد آهن پر اجهو ڏينهن ويجهو آهي، ايندڙ 28 نومبر تي خبر پئجي ويندي ته وڪيلن جي ووٽن سان ڪاميابي ڪنهن جو مقدر ٿي بڻجي!

پهنجو تبصرو موڪليو