برسات ۾ ڇت ڪرڻ سبب ملهه پهلوان فوت، 2 بچي ويا

نوشھرو فيروز (منظور ملڪ) برسات دوران ڪمري جي ڇت ڪرڻ سبب ھڪ نوجوان دٻجي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا معجزاتي طور بچي ويا. مورو قومي شاهراھ تي هڪ ھوٽل وٽ تيز برسات دوران ڪمري جي ڇت ڪرڻ سبب ڪمري ۾ اندر ستل نوجوان ملهه پھلوان محرم علي جتوئي دٻجي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا معجزاتي طور بچي ويا.

Moro roof collapse, Photo Sindhyar

فوتي نوجوان جو لاش ٻاھر ڪڍيو ويو فوتي محرم علي جتوئي مورو ۽ ڦل شھر جي معزز شخصيت رئيس ارباب علي جتوئي جو ڀائيٽو آهي محرم علي جتوئي پنھنجي دوست امتياز چنڊ وٽ رات ترسيل ھيو. اطلاع ملڻ تي مورو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ٻئي پاسي فوتي جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو