باجڪاڻين ۽ سبزوئين ۾ ٺاهه، 82 لکل ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)ٽن سالن کان هلندڙ باجڪاڻي ۽ سبزوئي برادرين وچ ۾ خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو. فيصلو چمني ڀر سان ڳوٺ شاھ علي باجڪاڻي ۾  سردار تيغو خان تيغاڻي. سردار محبوب علي خان بجاراڻي ۽ ميان عبدالخالق ڀرچونڊي. چيف مقدم شير احمد خان باجڪاڻي جي سر پئنچي ھيٺ ٿي گذريو. جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين جي ڳالهين کانپوءِ فتوي’ ۾  في خون جو عيوضو 15 لک رکيو ويو خون خون ۾ پاڙيا ويا.زخمي علي حسن ۽ پيرل سبزوئي جا  9 لک 50 ھزار ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا ڪورٽن جا  توڙي ٻيا خرچ ختم ڪيا ويا. مقدمن جا نالا ڪيس ۾ ڏيڻ جو 10. 10  لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ۽  مقتول نياز احمد باجڪاڻي کي ناحق قتل ڪرڻ جا ساڍا 27 لک ڏنڊ سبزوئي ڌر تي مقرر ڪيو ويو  جڏهن ته ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور  تي 82 لک ڏنڍ جوفيصلو ٻڌايو ويو. ڏنڊ جي رقم مان سبزوئي ڌر پاران 2 لک روپيا موقعي تي ادا ڪيا ويا ۽ باقي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. فيصلي بعد ٻنهي ڌرين کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪرايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو