دبئي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ بعد متحده عرب امارات ابو ظهبي، ڪويت ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ مسجدن ۾ با جماعت نماز پڙهڻ تي بندش لڳائي وئي آهي. ڪويت ۾ مسجدن مان ملندڙ اذان ۾ ماڻهن کي چيو ٿو وڃي ته گهر ۾ نماز پڙهو. ابو ظهبي ۾ 4 هفتن لاءِ نماز، شادين ۽ ٻين اجتماعن تي بندش لڳائي وئي آهي. دبئي ۾ تفريحي جاين کي خالي ڪرايو ويو آهي ۽ سفري پابنديون به لڳايون ويون آهن. ڪويت ۽ قطر سميت ڪجهه ملڪن ۾ هوٽل بند ڪرڻ جو پڻ چيو ويو آهي. اسپتالن ۾ معمولي سرجري تي بن بندش وڌي وئي آهي. ياد رهي ته چين بعد ايران ۾ ڪورونا وائرس ڦهليو ۽ هن مهل تائين ايران ۾ 853 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 14 هزار 991 مريض وائرس ۾ مبتلا آهن. متحده عرب امارات 28 ٽن دوائون ۽ ماسڪس جا 2 جهاز ايران لاءِ امداد موڪلي آهي.دنيا جي 157 ملڪن ۾ ڪورونا وائيس جي مريضن جو انگ هڪ لک 78 هزار کان وڌي ويو آهي ۽ هن مهل تائين 7055 ماڻهو مري چڪا آهن. يورپ ۽ آمريڪا ۾ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ۽ چين ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. يورپ ۾ 35 هزار مريض آهن جن مان 27 هزار رڳو اٽلي ۾ آهن. اٽلي ۾ مرندڙن جو انگ 2158 ٿي ويو آهي.
سکر ۾ بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو،وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو ٻيهر اعلان
ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29
مداخلت برداشت نه ڪبي، عدليا جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪنداسين
عدليا ۾ ايجنسين جي مداخلت، جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان
سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان