بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي جو نمبر ون بيٽسمين قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي 20 ۾ دنيا جو نمبر ون بيٽسمين بڻجي ويو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي 20 انٽرنيشنل رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ بابر اعظم انگلينڊ جي ڊيوڊ ملان کان نمبر ون هئڻ جو اعزاز کسي ورتو. آءِ سي سي ٽي 20 بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ بابر اعظم 834 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي، انگلينڊ جو ڊيوڊ ملان 798 پوائنٽس سان ٻئي ۽ آسٽريليا جو ايرين فنچ 733 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو