باباءِ سنڌ ڪامريڊ جتوئي جي سالگره، هارين کي حق ڏيو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ننڍي کنڊ جي عظيم انقلابي رهنما باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 120هين سالگره جي تقريب باباءِ سنڌ هائوس تي ملهائي وئي سالگره تقريب جي صدارت سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ڪئي تقريب ۾ اديب دانشور نصير مرزا،پاڪستان بار ڪائونسل جو ميمبر ماما يوسف لغاري،سنڌ هاري ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي،نيشنل پارٽي اڳواڻ تاج مري، ايڇ آر سي پي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو، پروفيسر مجيد چانڊيو، سينيئر نائب صدر ڪامريڊ حڪم چند،ارباب ابراهيم راهمون،ڪامريڊ عبدالرحمان پنهور،سوشل سيڪريٽري جبار باغي،پريس سيڪريٽري ايڊوڪيٽ اعجاز شر،ڪامريڊ صالح بلو، قاسم مهيري سميت ٻين خطاب ڪيو.

Photo Sindhyar

ان موقعي تي اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شخصيت گهڻ رخي آهي هو هڪ ئي وقت اديب، شاعر هجڻ سان گڏ سياست اندار نوان ٽرينڊ متعارف ڪرائيندڙ انقلابي اڳواڻ هو جنهن جي فڪر سوچ جو مرڪز پورهيت جي حقن جي جنگ ڪرڻ هئي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سياسي ادب کي پڙهڻڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي سندس جو فڪر اڄ به ايترو ئي ضروري آهي جيترو 50سال پهرين هو اڄ ملڪ ڪرپٽ ۽ لٽيرن جي هٿ ۾ اچي ويو آهي جن کي پورهيت عوام جو ڪو احساس ناهي ملڪ اندر مهنگائي جو هڪ طوفان اچي ويو آهي ڪرپشن ختم ڪرڻ جو راڳ الاپيندڙ عمران سرڪار جي دور حڪومت ۾ ڪرپشن وڌي آهي ملڪ کي قرض جي دلدل ۾ ڦاسايو ويو آهي ملڪ اندر اظهار جي آزادي تي بندش آهي جمهوريت جي نالي تي آمريت لاڳو آهي ميڊيا جي آزادي تي اڻ علانيه بندش لاڳائڻ جو شازشين ٿين پيون ادارا پنهنجو ڪرڻ بجاء فوٽو سيشن ۾ پورا آهي ملڪ جا پورهيت خدڪشيون ڪري رهيا آهن زراعت تباه ٿي وئي آهي هارين لاء ڪا سسبدي ناهي ڏني وئي ڪيڏي نه افسوس جي ڳاله آهي ته 70% بجٽ جي دارومدار زراعت تي آهي پر زراعت تباه آهي ۽ ايگريڪلچر کي انڊسٽري جو درجو ناهي مليو هارين جي اولاد لاء ڪا سهولت ناهي هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر ايندڙ ڌارين کي روڪيو وڃي ۽ آدمشماري اندر ڌارين جا آيل انگ اکر پبلڪ ڪري انهن کي واپس پنهنجي ملڪ ۾ موڪليو وڃي هنن چيو ته سنڌ هاڻي وڌيڪ ڌارين جو بار برداشت نه ٿي ڪري سگهي. ان موقعي تي ملڪ جي پورهيت طبقي جي بهتري، هارين جي حقن بابت ڪيترائي ٺهراءَ به منظور ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو