ڳڙھي ياسين(ن س)ڳڙھي ياسين لڳ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيرسن کي سخت تشدد بعد منھن تي ڪاراڻ ملي، تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي، تفصيل موجب ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ دڙي جاکري ۾ بااثر ڀائرن عبدالغني ۽ عبدالسميع ڪاڪيپوٽو فيصلي ۾ ھلڻ لاءِ مسجد جي لائوڊ اسپيڪر ۾ ھوڪو ڏيڻ تان مڇرجي پنھنجي ئي برادري جي پيرسن آفتاب ڪاڪيپوٽو مٿان سخت تشدد ڪرڻ بعد پيرسن جي منھن تي ڪارنھن ملي انسانيت جي تذليل ڪري ڇڏي بااثرن جي تشدد وقت خوف ۾ ورتل ڳوٺاڻا پيرسن کي ڇڏائڻ بجاءِ بااثرن جي خوف کان تماشو ڏسندا رھيا ھوڏانھن باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ڪجھ ڏينھن اڳ ٻنھي ڌرين جو سردار نجف ڪماريو وٽ پلاٽ جي معاملي تان فيصلو رکيل ھو جنھن جو پيرسن آفتاب ڪاڪيپوٽو ڳوٺ جي مسجد ۾ ھوڪو ڏنو ته ڳوٺ وارا فيصلي ۾ ھلي حق جي ڳالھ ڪرين جنھن تان بااثرن مڇرجي پيرسن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد سندس منھن تي ڪارنھن ملي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪائي ڇڏيو ٿيل واقعي تي انساني حقن جي تنظيمن سميت ڪنھن به نوٽيس نه ورتو ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڊکڻ رياض ملڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته اھڙي واقعي بابت مونکي ڪا به ڄاڻ نه آھي جاچ ڪريون پيا جيڪو به ملوث ھوندو ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو وڌيڪ فيصلو ڪندڙ ۽ مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا