اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊ شيڊنگ خلاف شهرين جو احتجاج ۽ ڌرڻو

جوهي (ن سنڌيار)شهرين طرفان سيپڪو جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ شهر جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف سياسي,سماجي تنظيم جي اڳواڻن, شهرين, واپارين دڪاندارن,ڳوٺاڻن سميت هر مڪتب فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن پاران اربع تي ٻئي ڏينهن به گرڊ اسٽيشن اڳيان لڳل ڌرڻو جاري قرآن خواني به پڻ ڪئي وئي  مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو چتاء,جوهي سيپڪو انتظاميا پاران ڊگهي لوڊشيڊنگ, ڊڊيڪشن بل اضافي يونٽ لڳائڻ سڙيل ٽرانسفرمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهرين سياسي سماجي اڳواڻن ٻي ڏينهن به مسلسل احتجاج جاري, ان موقعي مظاهرين امين وگهيو, هاشم کوسو, عرفان رند, قربان کوکر,ميهر گاڏهي, غلام قادر لغاري ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سيپڪو انتظاميا شهر اندر هٿرادو 14  کان 18 ڪلاڪ غيرقانوني لوڊشيڊنگ ڪري شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو, هنن چيو ته شهر جي مختلف وارڊن جا سڙيل ٽرانسفارمر  تبديل ڪري شهرين کي جيئڻ ڏنو وڃي هنن چيو ته مطالبن جي مڃتا تائين احتجاجي سلسلو جاري رهندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو