اڳوڻي وزير کي 8 موبائلز جو پروٽوڪول، ويڊيو وائرل

ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير) گهوٽڪي پوليس جو انوکو ڪارنامو، اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مھتاب ڏهر کي 8 پوليس موبائيلن جو پروٽوڪول ڏئي ڇڏيو ، پروٽوڪول جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ جو  ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. گهوٽڪي ضلعي اندر امن امان لاءِ مقرر پوليس اڳوڻي صوبائي وزير کي ڪهڙي کاتي ۾ ايڏو وڏو پروٽوڪول ڏنو؟ وائرل ٿيل وڊيو ۾ اڳوڻي صوبائي وزير کي 8 پوليس موبائيلن سان گڏ 28 گاڏين جو پروٽوڪول ڏنو ويو، ايس ايس پي نوٽيس ورتو. هڪ ڳوٺاڻي اوٻاوڙو کان رائونتي ويندڙ 28 گاڏين جي وڊيو ريڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڳوڻو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر رائونتي ۾ يوسف خان چاچڙ نالي شخص جي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو، جنهن جي پروٽوڪول ۾ 28 گاڏيون شامل هيون، وڊيو ۾ اڳوڻي صوبائي وزير جو چهرو ته نظر نه پيو اچي پر پوليس جون 8 ۽ 17 نجي گاڏيون صاف نظر اچي رهيون آهن. اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي گهوٽڪي فرخ لنجار نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي اوٻاوڙو ۽ لاڳاپيل ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو. هن چيو ته پروٽوڪول ڏيڻ واري ڳالهه صحيح ثابت ٿئي ٿي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو