اڳوڻو ايس ايڇ او ڊرائيور سميت کنڀجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سچل ٿاڻي جي حد سعدي ٽائون مان اڳوڻي  ايس ايڇ او سچل ٿاڻو انسپيڪٽر ھارون ڪورائي ڊرائيور سميت کنڀجي ويو، سادن ڪپڙن ۾ اھلڪارن ھٿان سابقه ايس ايڇ او ڊرائيور سميت کنڀيو ويو، حد جي پوليس لاعلم، ايس ايڇ او سچل ھارون ڪورائي کي ڪجھ ڏينهن پھريائين محڪماجاتي انڪوائري ۾ ملوث ھجڻ جي الزام ۾ معطل ڪيو ويو ھو،  اڳوڻي ايس ايڇ او سچل ڳوٺ ھارون ڪورائي جي پٽ عامر ڪورائي ٻڌايو ته بابا کي گھران اغوا ڪرڻ لاء ٽي پوليس موبائلون ۽ پرائيويٽ گاڏيون موجود ھيون جن ۾ سادن ڪپڙن ۾ اھلڪارن کي منهن تي ٻٽون پڻ لڳل ھيون سندس بابا کي اھڙي ريت کڻي نه وڃڻ گھربو ھو عامر ڪورائي وڌيڪ ٻڌايو ته منھنجي والد کي پنھنجي ڊرائيور اختر سميت منھن تي ڪپڙو ڏيئي کنڀي کڻي ويا، ان چيو ته مون مددگار 15 تي اطلاع ڏنو آھي، سچل پوليس مطابق اھڙي ڇاپي جي ڄاڻ اسان کي ڪنھن به اداري يا پوليس مان نه ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو