اکيون، گردا، دماغ ۽ ٻيا عضوا ڪڍيل لاش جي ڪراچي ۾ تدفين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڀارت اسانجي والد جون اکيون، گردا، دماغ ۽ ٻيا عضوا ڪڍي هڏن جو پڃرو اسان ڏانهن اماڻيو آهي، مذهبي رسمن ادا ڪرڻ بعد کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو آهي. اهڙو اظهار ڀارتي جيل ۾ فوت ٿيل ستر سالن جي نورالامين جي نياڻي سڪينا صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسانکي والد جي فوتگي جو اطلاع مليو ۽ ڀارتي اهلڪارن واهگه بارڊر تي لاش پاڪستاني عملي حوالي ڪيو ۽ ٻن ڏينهن بعد لاهور کان لاش ڪراچي پهتو ۽ جمع تي ابراهيم حيدري لڳ ڳوٺ علي اڪبر شاهه ۾ دفن ڪيو ويو. ان موقعي تي سندس ٽئي شادي شده نياڻيون روئي رهيون هيون. جڏهن ته سندن والده حميده بيبي تي سڪتو تاري هو. سڪينا وڌيڪ ٻڌايو ته 30 سيپٽمبر 2017 تي غلطي سان مڇي مارن دوران ڀارتي سامونڊي حدن ۾ وڃڻ سبب گرفتار ڪيو ويو. فوتگي کان ڪجهه وقت اڳ هن فون ڪئي هئي ۽ چيو هو ته سندس زندگي زهر ٿي وئي آهي. سڪينا چيو ته کين ڀاءُ ناهي تڏهن پوڙهو والد مڇي جي شڪار تي ويندو هو. هن چيو ته ٻن سالن کان سندس والده پريشان هئي ۽ فشر فوڪ فورم وارا کيس راشن ڏيندا هئا. ياد رهي ته جمع تي تدفين ۾ فورم جي عهديدارن، ڳوٺاڻن ۽ انصار برني به شرڪت ڪئي هئي، جن ڀارتي عملي پاران لاش جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ عضوا ڪڍڻ جي مذمت ڪئي هئي. واضح رهي ته ڀارتي حڪومت پاران موڪليل لاش جي موقعي تي پاڪستان 360 ڀارتي مهاڻا آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو