اچو ته درمندن جو درد ونڊيون

تحرير حسن ناز سومرو

اللھ تعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات ڪري خلڪيو آھي جنھن جي ڪري انسان جو درجو سڀ کان بلند آھي ان ڪري اسلام ۾ انسانيت لاءِ تمام وڏو درس ڏنو ويو آھي سو ڪيترائي اھڙا انسان گذريا آھن جن پنھنجي پوري زندگي انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري آھي، انسانن جا جيڪي حق آھن سي تمام وڏا آھن سو اللھ تعاليٰ بار بار انسانن جي حقن جي ڳالھ ڪئي آھي ايتري قدر جو اللھ تعاليٰ فرمايو آھي ته آءُ پنھنجا حق ته معاف ڪري سگهان ٿو پر انسانن جا حق ڪڏھن به معاف نه ڪندس، سو اھڙي طرح اسان تي فرض آھي ته اسين انسانن جي خدمت کي اولين درجو ڏيون ته جيئن اسين ٻنھي جھانن ۾ سرخرو ٿي سگهون. سو ان ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي اسين انسانيت جي ڳالھ ڪندي پير جو ڳوٺ ۾ 15 سالن جي نوجوان فيض محمد ناريجو جي ڳالھ ڪنداسين جيڪو گذريل 15 سالن کان بي وسي واري زندگي گهاري رھيو آھي ھن وقت ھو ھڪ پراسرار بيماري ۾ ورتل آھن جنھن سبب ھو گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آھي ۽ سندس چيلھ کان ھيٺين ڌڙ ۾ ساھ ڪو نه  آھي جنھن جي نتيجي سموري گهر جا ڀاتي پڻ سخت اذيت ۾ مبتلا آھن.ڪمرشل ڪاليج پيرجو ڳوٺ ڀرسان ناريجا برادري سان تعلق رکندڙ فيض محمد ناريجو جيڪو گذريل 15 سالن کان معذور بڻيل آھي سندس والد صاحب جو چوڻ آھي آءٌ گذريل پندرنھن سالن کان پنھنجي وس آھر سنڌ جي مختلف شھرن جنھن ۾ سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاھ حيدرآباد ۽ ڪراچي جي ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن کان دوائون وٺي فيض محمد کي کارائي چڪو آھيان پر فيض محمد ناريجو کي ڪنھن به قسم جو ڪو فائدو پئجي نه سگهيو آھي، سو منھنجي پٽ جو ھيٺيون دڙ بلڪل ڪم ناھين ڪندو،  پنھنجي پيري واري عمر ۾ پنھنجي ٻچڙي جو اھو ڏک مون کان ڏٺو نه ٿو ٿئي.فيض محمد ناريجو جي والڊ صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته مان پنھنجي پٽ جي صحتيابي لاءِ در در جا ڌڪا به کائي چڪو آھيان مون وٽ جيڪو مال ۽ ملڪيت ھئي سا آءٌ فيض محمد ناريجي تي لڳائي چڪو آھيان سو ان باري ۾ آءٌ صدر پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان ۽ وزير اعليٰ سنڌ کان علاوہ سرندي پڄندي وارن کي اپيل ڪريان ٿو ته منھنجي پٽ فيض محمد ناريجو جو علاج ڪرايو وڃي ته جيئن منھنجو ٻچڙو گهمي ڦري سگهي.سو اھا ھڪ حقيقت آھي ته اولاد کان وڌيڪ ڪابه  شيءِ مٺي نه ھوندي آھي سو اولاد جو قدر ان کان پڇو جنھن کي اولاد نه ھجي يا وري ان کان پڇا ڪيو جنھن جي اولاد معذور ھجي، اولاد جو درد تمام ڏکيو ھوندو آھي سو فيض محمد ناريجو جي معذوري والدين جي لاءِ ھڪ وڏو الميو آھي فِيض محمد ناريجو جي والدہ ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويئي ھئي جنھن جي ڪري فيض محمد ناريجو جي پالنا سندس والد صاحب ڪئي، فيض محمد ناريجو جو والد 65 سالن جي عمر ۾ پنھنجي پٽ جي ڏکن کي پنھنجي ڪلھن تي کڻي علاج لاءِ ٻاڏائي رھيو آھي پر افسوس ڪنھن به  سندن مدد به ڪئي آھي.سرڪار جو اھو فرض ھوندو آھي ته ھو عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت سان گڏ عوام جي علاج معالج جوبه  بندوبست ڪري پر اسان جي سنڌ سونھاري ۾ سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جو اھو حال آھي جو ھتي ڇتي ڪتي جي چڪ پائڻ کان ڇوٽڪاري جي انجيڪشن به موجود نه آھي جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر سوين معصوم ٻار توڙي وڏا پنھنجون حياتيون وڃائي ويٺا آھن پر افسوس جو سنڌ سرڪار ڪوبه  جوڳو انتظام ڪري نه سگهي آھي جنھن جي ڪري غريب ماڻھو پنھنجو سڀ ڪجھ وڪڻي پرائيويٽ علاج ڪرائڻ تي مجبور آھن سو ان باري ۾ ھر ايندڙ ڏينھن تي اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي خبرون ھلندڙ آھن پر افسوس جو سنڌ سرڪار ھن مھل تائين ڪنھن به  قسم جو جوڳو انتظام ڪري نه  سگهي آھي سو فيض محمد ناريجو به اھڙي ئي سرڪار جي بيوسي جي ڪري پنھنجو پاڻ کي لاوارث سمجهي بي وسي واري زندگي گذاري رھيو آھي فيض محمد ناريجو جي اھڙي درد ڪھاڻي تي سنڌ سرڪار کي گهرجي تہ ھو سندس سرڪاري خرچ تي پرڏيھ مان علاج ڪرائي سندس معذوري کان بچائي صحتمند زندگي بحال  ڪرائي.اسين به ان باري ۾ سنڌ سرڪار کي نماڻو عرض ڪنداسين ته فيض محمد ناريجو جو علاج پرڏيھ مان ڪرائي سندس لڳل پراسرار بيماري کان بچايو وڃي ته  جيئن فيض محمد ناريجو به صحتمند زندگي گذاري سگهي ۽ پنھنجي والد صاحب جي ڪلھن مٿان بار بڻجڻ بدران پنھنجي والد جو سھارو بڻجي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو