اڄڪلهه جيترو ڊرامو وڌيڪ بيهودو هوندو اوترو مقبول ٿيندو، انور

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ناليواري ليکڪ ڊرامه نگار انور مقصود چيو آهي ته اڄڪلهه ريٽنگ جي چڪر ۾ بيهودا ڊراما لکيا پيا وڃن. جيترو بيهودو ڊرامو هوندو اهو اوترو مقبول هوندو. اهڙو اظهار هن وائيس آف آمريڪا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. هن ماضي جا راز فاش ڪندي ڪافي ڳالهيون ڪيون آهن. هن ٻڌايو ته ففٽي ففٽي ڊرامون ايترو مقبول ٿيو جو هر فنڪار کي ايوارڊ مليو پر مونکي ايوارڊ نه مليو. مون ايم ڊي پي ٽي وي جيڪو صدر ضياءَالحق جو پريس سيڪريٽري به هو تنهن کان سبب پڇو ته هن چيو ته ڊرامي ۾ ليکڪ جو ڪهڙو ڪمال آهي اصل ڪم فنڪارن جو آهي. جنهن بعد مون اهو ڊرامو لکڻ بند ڪيو. هن ٻڌايو ته آنگن ٽيڙا ڊرامي بابت هن ٻڌايو ته هڪ ڊائلاگ سبب هنگامو مچي ويو ۽ ڊرامو بند ڪرڻو پيو. ٿيو ايئن ته ڊرامي ۾ چوڌري ۽ اڪبر ٻه ڪردار هئا چوڌري اڪبر کي چيو ته جنهن کي انگريزي اچي ٿي هو ٺٺ ۾ آهي. اڪبر چيو ته انگريزي مون کي به اچي ٿي. چوڌري چيس ته ’ڇا مان وڃان پيو‘ ان جي انگريزي ٻڌاءِ ته اڪبر چيو ته آر مي گوئنگ‘ ضيا جو مارشل لا هو سڀ ڪاوڙجي پيا. انور مقصود ٻڌايو ته هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي گلوڪار پٽ بلال مقصود لاءِ گيت لکندو آهي ۽ هن جا گيت باليووڊ جي فلمن ۾ به هليا آهن. هن چيو ته ڪتاب نه لکندس، ڪجه دوست چون ٿا ته ڊرامن کي سهيڙي ڪتاب شايع ڪرايو ان تي شايد ڪم ڪريان. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جنرل مشرف کي انٽرويو لاءِ پيغام موڪليو هن انڪار ڪيو، مون چيو صرف عورتن کي انٽرويو ٿو ڏي مان به پوتي پائي سندس انٽرويو ڪندس، جنهن بعد مشرف منهنجي گهر آيو پر انٽرويو نه ڏنو. هن چيو ته منهنجو ڪو ٽوئٽر اڪائونٽ ناهي پر نالي سان ڪافي اڪائونٽ هلن ٿا ڪنهن صاحب ته عمران خان سان رابطو به ڪيو منهنجو نالو استعمال ڪندي. هن چيو ته معمر رانا ۽ جيا علي جي هڪ فلم ۾ ليکڪ طور سندس نالو شامل ڪيو ويو جنهن جو ليکڪ سيد نور آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو