اپوزيشن جي پٺيءَ ۾ خنجرڪنهن هنيو، پيرا پنهنجن ڏانهن،اعجاز مهر

پاڪستان جي تاريخ ۾ آگسٽ مهينيو هونئن ته تاريخي آهي ڇو ته ملڪ وجود ۾ ئي هن مهيني ۾ آيو، ضياءَالحق جو جهاز به هن مهيني ۾ ڪريو هو، مشرقي ۽ مغربي بنگال جي سرحدن جو پاڪ ڀارت معاهدو به هن مهيني ۾ ٿيو هو، قومي تراني جي منطوري به 17 آگست 1954 تي ڏني وئي هئي، 1973 جو آئين جو متعارف ٿيڻ هجي، غلام اسحاق خان جو قومي اسمبلي 90 ع واري ٽوڙڻ، مشرف جو مڪاني نطام متعارف ڪرائڻ، ايل ايف او جاري ڪرڻ ۽ صدارت تان استعيفيٰ، شوڪت عزيز جو وزيراعطم طور حلف، اڪبر بگٽي جو قتل، پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ۽ بينظير قتل ڪيس جي پڄاڻي جا واقعا به آگسٽ ۾ ئي ٿيا هئا. آگسٽ جي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪافي اهميت آهي، پهرين آگسٽ 1960 تي اسلام آباد گادي جو هنڌ بڻيو ۽ شاهد خاقان عباسي بطور وزيراعظم حلف به پهرين آگست 2017 تي کنيو هو. آگسٽ جي ان تاريخي اهميت ۾ پهرين آگسٽ 2019 هڪ نئون اضافو ڪيو جو پارليماني تاريخ ۾ پهريون دفعو چيئرمين ڊپٽي چيئرمين سينٽ کي هٽائڻ لاءِ ترتيبوار اپوزيشن ۽ حڪومت عدم اعتماد جون رٿون پيش ڪيون جيڪي ٻئي ناڪام ويون. سڀ کان وڏي ڳالهه ته 64 ميمبرن جي موجودگي جي باوجود صادق سنجراڻي خلاف اپوزيشن جي رٿ ناڪام ٿي وئي ۽ گهربل 53 ووٽ نه ملي سگهيا. سياسي تاريخ جو هي نئون ستم ان ۾ هڪ نئون اضافو آهي. اپوزيشن جا 14 سينيٽرن وفاداري مٽائي ڇڏي، 9 سينيٽرن حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ 5 سينيٽرن فرمائش تي يا چمڪ جي ڇڪر ۾ اهڙي نموني ووٽ ڏنو جيڪي رد ٿي ويا. اپوزيشن جي سينيٽرن جي ماني ميان شهباز شريف ڪئي جنهن ۾ 64 سينيٽر شريڪ ٿيا پر ووٽ 50 ڏنو. اهو بلڪل ائين ئي ٿيو جيئن تازو گهوٽڪي جي قومي اسمبلي جي تڪ 205 جي ننڍي چونڊ ۾ ٿيو ته ماڻهن ماني علي گوهر خان جي کاڌي ووٽ جي پرچي به هنن جي ڪيمپ مان ورتي ۽ ووٽ پيپلز پارٽي جي محمد بخش خان مهر کي ڏئي ويا. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهو ڪو پهريون دفعو ناهي ٿيو. اصل ڳالهه هي آهي ته ان سان پيغام ڇا ويو؟ پارليامينٽ جي توقير، عزت ۽ بالادستي جا ڀاشن ڏيندڙن ڪنهن ڪنهن غداري ڪئي؟ يا اهو نقطو واضح ٿيو ته بظاهر عددي اڪثريت ڪنهن جي به هجي پر مشرف جي دور ۾ اهڙو سڀ ڪجهه “ّضمير” جي ڪري ٿيو ۽  هاڻي جمهوريت کي پنهنجو “فيض” مليو آهي. اپوزيشن وارن رهبر ڪميٽي جي اجلاس ۾ قرآن کنيو هو ته هو هڪ ٻئي سان غداري نه ڪندا پوءِ هي ڪتو ڪنهن کاڌو! اپوزيشن جي سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ واري خيال جي پٺيان ۽ حاصل بزنجو کي نامزد ڪرڻ ۾ ڪردار ميان نواز شريف جو هو ۽ هو جيل مان ويهي اهو پيغام ڏيڻ پيو چاهي ته هو جيل مان به سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، ان جا خواب چڪنا چور ڪنهن ڪيا؟ ان جي پويان به هڪ وڏي رام ڪهاڻي آهي جيڪا ڪجهه وقت بعد کير جيان چٽي ٿي سامهون ايندي، بظاهر ته ڪا به ڌرمڃڻ لاءِ تيار ناهي  ته اها سياست ڪنهن ڪئي پر شڪ شبها سڀني کي هڪٻئي تي آهن. جنهن به اهو ڪم ڪيو ظاهر آهي ته اهو وڏو تجربيڪار سياسي کلاڙي آهي ۽ ظاهر آهي ته ان ڪم جي قيمت به هن ڳري ورتي هوندي جيڪا به ڪجهه وقت ۾ ظاهر ٿي پوندي ته ڪنهن کي ڪيسن ۾ رليف ٿو ملي، ڪنهن کي ڊيل ۽ ڍل ٿي ملي. اهو به محض اتفاق آهي ته جنهن مهل سينيٽ ۾ اپوزيشن وارن کي شهباز شريف مانجهاندو پئي ڏنو ان مهل احتساب عدالت ۾ سندس ڪيس جي سماعت هلي رهي هئي ۽ عدالت حاضري کان آجو ڪرڻ واري هن جي درخواست منظور ڪئي، جڏهن ته سندس پٽ حمزه شهباز جي ساڳئي ڪيس ۾ جسماني رمانڊ ۾ اضافو ڪيو ۽ شاهد خاقان عباسي جي به جسماني رمانڊ ۾ اضافي جي نيب جي درخواست منظور ٿي وئي. مونکي خبر ناهي ته اهو محض اتفاق آهي يا ان جي پويان ڪجهه ٻيو آهي، مون ته محض واقعا بيان ڪيا. هوڏانهن ٻئي پاسي اطلاع آهن ته صادق سنجراڻي جي خلاف جنهن مهل ووٽنگ هلي رهي هئي ان وقت هو پراعتماد هو، مسڪرائيندي اپوزيشن وارن سان ملي رهيو هو ۽ ايوان جي آخري سيٽن تي پيپلز پارٽي جي سانگهڙ مان چونڊيل سينيٽر قرت العين عرف عيني مري سان  ڪچهري ڪري رهيو هو، خبر ناهي هن ساڻس ڇا پئي ڳالهايو اها ته ٻنهي کي خبر هوندي پر ان جو صحافين نوٽيس ضرور ورتو. شيخ رشيد سکر ۾ جنهن پراعتماد انداز ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته سنجراڻي خلاف تحريڪ ناڪام ٿي ويندي اها هن سياسي نجوم جي آڌار تي نه پر ٺوس ڄاڻ ۽ “ڊيل ڊن” ٿيڻ وارن معاملن کا واقفيت جي بنياد تي ڪئي هئي. هو ڪجهه ڏينهن کان پيپلزپارٽي وارن خلاف بيان به نه پيو ڏئي ۽ اڄ سينيٽ ۾ اپوزيشن جي تحريڪ جي ناڪامي بعد سنڌ ۾ ريل دوري دوران بلاول ۽ آصف علي زرداري کي ڌوئي لاٿو اٿس. سندس اهو انداز به ڪافي سوالن کي جنم ڏئي ٿو. واقفان حال چون ٿا ته عمران خان جي ٽيم ۾ سياسي عقل وارا يعني گيمرگهٽ ماڻهو آهن پوِءِ هن کي اها صلاح ڪنهن ڏني ته مولانا فضل الرحمان سميت اپوزيشن وارن سان حڪومتي ٽيم ملاقات ڪري ٻن ٽن ڌرين کي مشڪوڪ ڪريو، اهي شطرنج جهڙيون سياسي چالون به ڪنهن زيرڪ سياستدان جون آهن، گهٽ ۾ گهٽ عمران خان جون ناهن. بهرحال سنڌي ۾ چوندا آهن ته چور، چور ٿيندو ۽ ٻلو، ٻلو ٿيندو وقت ناهي ويو اڄ نه سهي ته سڀاڻي يا ڪجهه ڏينهن ۾ معاملو چٽو ٿيندو. گڏيل اپوزيشن جي پٺي ۾ خنجر اڄ جنهن به هنيو آهي ان سان بلاول ۽ مريم جي دلين ۾ به مير وڌندو ۽ هڪٻئي تي سياسي عدم اعتماد جا ڪڪر وڌيڪ چائنبا. چوته مسلم ليگ (ن) جي متوالن جو شڪ ڪجهه پنهنجن سان گڏ جيالن تي آهي. اهوئي سبب آهي ته پيپلز پارٽي جي سنڌ مان چونڊيل اسلام آبادي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر سينيٽر شپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو ظاهر آهي ته بلاول ڪڏهن به قبول نه ڪندو. بهرحال اڄ مريم سميت مسلم ليگ (ن) جا متوالا پاڻ ۾ پنجابي وارو اهو پهاڪو ضرور ياد ڪندا هوندا ته “ ڪتي چوران نال رلي هوئي اي”.

(نوٽ هي ڪالم ڪو به  شايع ڪري سگهي ٿو پر ان ۾ ليکڪ ۽ روزاني سنڌيار جو حوالو ڏيڻ لازمي آهي، ٻئي صورت ۾ قانوني ڪاروائي جو حق محفوظ ٿا رکون. ادارو)

اپوزيشن جي پٺيءَ ۾ خنجرڪنهن هنيو، پيرا پنهنجن ڏانهن،اعجاز مهر” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو