اپاهجن جو علاج ممڪن، دماغ ذريعي ڪمپيوٽر هلائڻ آسان

واشنگٽن(ويب ديسڪ) آمريڪا جي جڳ مشهور انجنيئر ۽ ٽينڪنالاجي انٽرپرينئر ايلن مسڪ نيورا لنڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو جنهن سان انسان هڪ پاسي ڪمپيوٽر ۽ موبائيل فون کي دماغ سان ڪنٽرول ڪري سگهندو ته ٻئي پاسي هميشه لاءِ اپاهج بڻيل ماڻهو به ان جو فائدو حاصل ڪري سگهندا. ايلن مسڪ ويب ڪاسٽنگ تي ڏنل پريزنٽيشن ۾ 3 سوئر ڏيکاريا جن جي دماغ ۾ ننڍڙي چپ لڳل هئي، انهن کي کاڌو ڏيڻ دوران سندن دماغن م ٿيندڙن سگنلز هن هڪ گراف تي ڏيکاريا. هن 2017 ۾ هي منصوبو شروع ڪيو هو ۽ نيورو سائنسدانن سميت ٽيڪنالاجي ماهرن ۽ انجنيئرز سان گڏ هن منصوبي تي ڪم ڪري رهيو هو. هن بندر ۽ سوئرن تي اڳ ۾ ان جو ڪامياب تجربو ڪيو هو جنهن بعد هن گذريل سال انسانن تي تجربا شروع ڪيا هئا. آمريڪي اداري ايف ڊي اي هن جي تيار ڪيل سرجيڪل روبوٽ مشين جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي.

screen shot

سندس چوڻ آهي ته هي سپر هيومن منصوبو ڪامياب ٿي ويو آهي. ڏکڻ آفريڪا ڄائي هن انجنيئر وٽ ڏکڻ آفريڪا، ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي شهريت آهي. سندس چوڻ آهي ته بينائي کان محروم ۽ اپاهج بڻيل ماڻهو هن چپ ذريعي ڪمپيوٽر ۽ موبائل فون استعمال ڪري سگهندا. هن چيو ته ڪرنگهي جي هڏي سبب يا فالج سبب جن ماڻهن جا جسم ڪم نٿا ڪن اهي به فائدو حاصل ڪري سگهندا. وارن جي هيٽان غير محسوس انداز ۾ چِپ لڳندي  جنهن ذريعي هو ڪمپيوٽر ۽ موبائيل فون اتعمال ڪري سگهندا. هن ان جي براهه راست پريزنٽيشن به ڏني ۽ ان جي ويڊيو، يو ٽيوب تي به موجود آهي. هن جو تيار ڪيل سرجيڪل روبوٽ وار کان سنهي ۽ نرم وائرن ذريعي دماغ کي نقصان پهچائڻ بنا اليڪٽروروڊز داخل ڪري سگهبيون ۽ جن ماڻهن جي ياداشت ختم ٿي وئي آهي اها به موٽي ايندي.ميڊيڪل ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ هي وڏو انقلاب آهي.

screen shot

هن سڪي جيتري هڪ ڊوائيس تيار ڪئي آهي جنهن سان 1000 دماغي نيوران کي مانيٽر ڪري سگهجي ٿو. هن جيڪو سرجيڪل روبوٽ تيار ڪيو آهي اهو 192 اليڪٽرورودز هڪ منٽ ۾ دماغ ۾ انتهائي محفوظ انداز ۾ داخل ڪري سگهي ٿو.جنهن سان وڃايل يادگيري، ڪرنگهي جي هڏي ۽ فالج سبب اپاهج بڻيل ماڻهن جو علاج به ٿي سگهندو. هو هلندڙ سال جي آخر کان انساني مريضن جو علاج شروع ڪندو.  49 ساله ايلن مسڪ دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ ڳڻيو ويندو آهي ۽ سندس دولت جو اندازي 84 ارب ڊالر آهي، هو خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس جو به مالڪ آهي جيڪا جلد خلائي سفر پڻ شروع ڪرڻ واري آهي. ٽيسلا به سندس ڪمپني آهي جنهن ذريعي هن بنا ڊرائيور جي گاڏيون ٺاهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو