اٽلي جي سسيلين مافيا جو سربراهه جيل مان آزاد ٿي ويو

روم(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق ، سسيلين مافيا جو سربراهه جويواني برسڪا، جيڪو انسانن جي ڪاسائي جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو آهي، 25 سالن کانپوءِ جيل مان آزاد ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق جيوانا بارسڪا 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ، جن ۾ هڪ ٻار کي قتل ڪرڻ کانپوءِ مٿس تيزاب هاري ساڙيو پڻ ويو هو. پر بعد ۾ هن گرفتار ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ساٿين جي گرفتاري ۾ مدد ڏيڻ شروع ڪئي. ميڊيا رپورٽن مطابق 64 ورهين جي برسڪا 1992ع ۾ اٽلي جي مافيا خلاف جاچ ڪندڙ جج کي بم ڌماڪي ۾ اڏائي ڇڏيو هو، جنهن ۾ جج جي زال ۽ ٽي گارڊ پڻ مارجي ويا هئا. سسيلين مافيا جج جي قتل بعد سندس ٻن ساٿين کي پڻ قتل ڪيو جنهن بعد مافيائن خلاف قانون وڌيڪ سخت ڪيا ويا هئا. برسڪا کي 1996ع ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن بعد سزا ۾ گهٽتائي کانپوءِ هو وعده معاف گواهه بڻجي ويو ۽ پنهنجن ئي ساٿين کي گرفتار ڪرايائين. هاڻ برڪا کي 4 سالن لاءِ پيرول تي رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو