اِين آءِ سي وي ڊي جا ڪچا ملازم ريگولر ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومتاين آءِ سي وي ڊي ۾ ڀرتي ڪيل اهڙا ڪچا ملازم جن کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن تن کي ريگولر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهڙو فيصلو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اين آءِ سي وي ڊي جي بورڊ آف گورنرس جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڊيلي ويجز وارن مازمن کي ريگولرائيزيسن واري قانون موجب ريگولر ڪيو وڃي. اجلاس ۾صحت واري وزير عذرا پيچوهو، سجيلا لغاري، ڊاڪٽر سهراب سرڪي، ڊاڪٽر نديم قمر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف فنانشل آفيسر جي سليڪشن جي منظوري ڏني وئي، وڏي وزير اين آءِ سي وي ڊي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجو نرسنگ اسڪول شروع ڪن ۽ سينئر رٽاٿرڊ نرسون هائر ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي نئين سر تسڪيل جي به منظوري ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو