اُمِ رباب ڪيس، جوابدار گرفتار نه ٿيا ته نوڪري ختم،عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اُمِ رباب جي ڏاڏي،والد ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدارن کي ٻن هفتن اندر گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڊي آءِ جي حيدرآبد کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جوابدار گرفتار نه ٿيا ته اوهان نوڪري تان فارغ هوندا. عدالت پوليس جي رپورٽ تي بي اطميناني جو اظهار ڪري ڇڏيو.

ڪيس جو تفصيل ۽ پوئين حاضري جو احوال پڙهو

چيف جسٽس گلزار احمد ڊي آءِ جي حيدرآباد سان مخاطب ٿيندي چيو ته پوليس طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ رڳو هڪ رام ڪهاڻي آهي، توهان کي ۽ توهان جي ماڻهن کي سڀ خبر آهي، اسان جي اڳيان ڪهڙي پوليسنگ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، توهان رياستي مشينري آهيو، پوليس وارا ڪاغذي ڪارروائين کان ٻاهر نڪرن ۽ ٻن روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪن، ڊي آءِ جي حيدرآباد چيو ته سرزمين تي اسان جون ڪوششون جاري آهن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ٿيا ته توهان نوڪري تان فارغ ٿي ويندئو؟ توهان جون ڪوششون کڏ کوٽڻ برابر آهن، توهان کي جيڪو ڪم ڏنو آهي، اُهو ڪم ڪري اچو.

پهنجو تبصرو موڪليو