اي پي ايس سانحي جي رپورٽ پڌري ڪريو، سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي بابت عدالتي ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇيڏ آهي. چيف جسٽس گلزار احمد خان ٻڌڻي جي موقعي تي چيو ته هي تمام وڏو سانحو آهي. ننڍن مالزمن تي ذميواري عائد ڪري جان ڇڏائڻ جو طريقو ختم ڪريو ۽ سزا وڏن کان شروع ڪرڻ گهرجي. حڪومت کي گهرجي ته ڪاروائي ڪري جيئن اهڙا واقعا پيش نه اچن. ان موقعي تي موجود شهيد ڪيل معصوم ٻارڙن جي والدين چيو ته اسين زنده لاش آهيون ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي، جنهن تي جسٽس فيصل عرب چيو ته اوهان چاهيو ٿا ته سيڪورٽي ۾ غفلت جي ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي.

آرمي پبلڪ اسڪول سانحي بابت وڌيڪ تفصيلن هتي ڪلڪ ڪريو

والدين چيو ته اسين جيئري دفن ٿي چڪا آهيون هي ٽارگٽ ڪلنگ جو واقعو آهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته سيڪورٽي ادارن کي خبر ڇو نه پئي؟ جيڪڏهن هو اها ڄاڻ نٿا رکن ته پوءِ ايڏي وڏي سيڪورٽي رکڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟.عدالت جوڊيشل ڪميشن ۽ اٽارني جنرل جي ڪمينٽس کي پبلڪ ڪرن جو حڪم ڏيندي ايڊوڪيٽ امان الله ڪنراڻي کي معاون وڪيل مقرر ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته 16 ڊسمبر 2014 تي پيش آيل آرمي پبلڪ اسڪول واقعي ۾ 147 ٻارن ۽ استادن کي شهيد ڪيو ويو هو. هن واقعي جي ذميواري طالبان جي ترجمان احسان الله احسان قبول ڪئي هئي جنهن کي بعد ۾ گرفتار به ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ آءِ ايس آءِ جي سيف هائوس مان پراسرار نموني فرار ٿي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو