ايڪويھين صديءَ جي عورت مٿان ٿيندڙ تشدد

تحريرحبيب مرکنڊ

ڏٺو وڃي ته مرد ۽ عورت معاشري جا ٻه بنيادي ۽ اهم جزا آهن هر فرد پنهنجي ڪردار افعال شخصيت ذھن ۽ اخلاق ۾ ھڪ مڪمل ۽ انفرادي حيثيت رکي ٿو پر ان جي حيثيت ۽ شخصيت ۾ نکار پيدا ڪندڙ ۽ تعمير ۽ تشڪيل ڪرڻ واري هستي “عورت” آهي. ھن ايڪيھين صديءَ جي جديد دؤر ۾ به اھو تمام وڏي ڏک سان لکڻو ٿو پوي ته اسان جنهن سماج ۾ رهون پيا ان ۾ ڪجهه اڻ گھريل حالتن ۽ عجيب سببن جي ڪري عورت اڄ به پٺتي پيل آهي. اهو به ڪو زمانو هو جو عورت کي ستن قرآنن جي برابر سمجهيو ويندو هو ۽ انجي ھلي يا گڏ اچڻ سان خون به معاف ڪيا ويندا هئا پر هاڻي عورت تي سڀ کان شروعاتي ظلم ان جي ڄمڻ سان ئي ان مٿان ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي ايندي پئي وڃي. ملڪ ۾ عورتن جي تحفظ جا بل ته پاس ٿيل آهن پر ان جي باوجود به اڄ ڏينهن تائين سنڌ ۾ عورتن توڙي نياڻين جي تحفظ کي يقيني بنائڻ ڪشمير فتح ڪرڻ مثل آھي. جنهن تي جيترو افسوس ڪجي اوترو گھٽ آھي. عورتن تي ٿيندڙ تشدد جا ڀيانڪ واقعا هلندڙ هفتن ۾ سامهون آيا آهن، جيڪي انسانيت کي لڄائيندڙ ۽ حيواني واقعا آهن. تازو ڪشمور ۾ ٿيل واقعي، جنهن انسانيت کي ڪنڌ کڻڻ جهڙو ناهي ڇڏيو! ڏٺو وڃي ته اها عورت جيڪا پنهنجي اندر جي ڳالهه آساني سان بيان نه ٿي ڪري سگهي، اها عورت جنهن جي زندگي جي ڪا ضمانت ناهي، اها عورت جيڪا دردن، ڏکن ۽ پيڙائن سان ڀريل زندگي گھارڻ تي مجبور آهي، اهڙي عورت ڪهڙي زندگي سڪون سان گذاري سگهي ٿي اسان وٽ اڄ ڪلهه عورت وڪامي رھي آھي ۽ عورت جنهن کي ڪارنهن جي تهمت هڻي ڪري انسان پنهنجي رسوائي مٽائڻ، نالي ماتر عزت ۽ آبرو کي برقرار رکڻ، زمين، ڌن ۽ دولت پئسا ڦٻائڻ جي لاءِ قتل ڪري ٿو. ڪارو ڪاري ڪري مارڻ يا غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ تمام پراڻو آهي، سنڌ ۾ ڪو به ڪنهن به مرد يا عورت جو قتل ڪري ٿو ته ته اھو دعوىٰ “غيرت جي نالي تي مارڻ” جي ڪندو آهي. سنڌ جي اندر عورتن جا ڪاري هجڻ وارا واقعا ته هن سماج جي لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن، عورتن جي بي رحمي واري موت سماج کي عورتن جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻائي ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي ادارن جي سرپرستي ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي لاءِ اڄ پنجويهه (25) نومبر تي عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. جنهن جو مقصد عورتن تي گهريلو تشدد، جسماني تشدد، جنسي طور تي اسڪول، ڪاليج ۽ آفيسن ۾ هراسا ٿيندڙ واقعن کان آگاهي ڏيڻ، صنعتي، ڪاروباري ۽ ٻين ادارن ۾ ڪم ڪرڻ دوران مشڪلاتن کي دور ڪرڻ ۽ عورتن کي مسئلن بابت آگاهي ڏيڻ ۽ شعور بابت جاڳرتا ڪرڻ واسطي ملهايو وپيو وڃي. عورتن تي تشدد اسان جي سماج جو انتهائي ڏکوئيندڙ سانحو آهي. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هي تشدد گهر ۾ منفي روين سان شروع ٿئي ٿو. ڪيترائي ماڻھو سمجھن ٿا ته تشدد جو مطلب آھي، جسم کي زخمي ڪرڻ ، تشدد رڳو جسماني نه پر ذهني طور تي به ٿيندو آھي. عورت جيڪا هڪ ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ڌيءُ آهي. پر اڄ ڪلهه تقريباً هر گهر ۾ عورتون گهريلو تشدد جو شڪار ٿي رهيون آهن. عورتن تي ٿيندڙ تشدد نه صرف هڪ ناانصافي آهي پر هڪ جرم سان گڏوگڏ انساني حقن جي ڀڃڪڙي به پڻ آهي. تاريخ ظاهر ڪري ٿي ته اسلام جي آمد کان پهريان ، جتي مرد ۾ ڪيتريون ئي برائيون موجود هيون، سڀ کان نمايان ۽ شرمناڪ ڳالهه اها هئي ته عورت کي سماج ۾ جڳهه نه هئي، ان کي فقط هڪ غلام جي برابر سمجهيو ويندو هو ۽ نفس جي خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ وسيلو بڻايو ويو هو. جڏهن حضور اڪرم صه کي چاليهه سالن جي عمر ۾ نبوت ڏني وئي ته پاڻ پهريان عورتن جي اصلاح تي خاص ڌيان ڏنو ۽ انهن کي دنيا لاءِ مثال بڻائي پيش ڪيو ۽ مردن وانگر عورت کي به عزت، وقار ۽ بنيادي حقن سان گڏ سماج ۾ هڪ اعليٰ مقام ڏنو. عورتن تي تشدد ڪرڻ هڪ عبرت جي نشاني آهي عورت لاءِ هٿ مٿي کڻڻ مردانگي نه پر هڪ ذهني بيماري آهي يا نفسياتي مسئلو آهي عورت هڪ ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ زال جي روپ ۾ هوندي آهي. هن بدبودار سماج ۾ عورتن جي بي عزتي ان اندازو مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن ڪو مرد ڪنهن ٻئي مرد سان بدسلوڪي ڪري ٿو، هو پنهنجي ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ڌيءُ تي بدزباني ڪري ٿو. مردن جو اھو شان ھرگز ناھي ته عورتن سان بدسلوڪي ڪري پر عقل فھم ۽ علم و دانش وارو مرد، اھو ئي چئبو جيڪو پنھنجي اردگرد، سماج ۾ ۽ پنھنجي خاندان ۾ پنھنجي عورتن کي نه صرف برابر جا حق ڏي، پر سندن علمي، عملي، سماجي، اخلاقي، عقلي، ذھني ۽ حياتياتي نشونما ۽ پرورش به ڪري، ڇوته ھڪ نياڻي اڄ ننڍي ته سڀاڻي وڏي ٿي، ھڪ ماءُ بنجندي ۽ خود گھر اندر ھڪ ڪاروان کي ھلائيندي، انڪري منجھس سڀ خاصيتون ۽ صلاحيتون ھجڻ ضروري آھن. اھي سڀ صلاحيتون، عدم تشدد جي ڪري ئي اچي سگھن ٿيون جنھن جي باري ۾ نجي ادارا ڪوششون وٺي چڪا آھن ۽ عالمي ادارن جي اشتراڪ سان اڄ، ڪورونا جي وبا دؤران به سٺا پروگرام ترتيب ڏيئي انھن مٿان عمل ڪري رهيا آهن . جنھن سان نه صرف شعور وڌندو پر، عورتون به خود مختياري طرف اينديون، جيڪو ھن صديءَ جو اقوام متحدہ جو ھڪ ديرينه خواب پڻ آھي. سوچڻ گھرجي ته! جيڪڏهن عورت نه هجي ها ته پوءِ ماءُ جي محبت ڪٿان ملي ها ۽ ڀيڻ جو سهارو ڪٿان ملي ها سماج ۾ عورتن جي اهميت کي کليل دل، کليل ذهنن سان تسليم ڪرڻ جي بيحد ضروت آهي. جيڪي عورتن تي ظلم ڪن ٿا، انهن کي روڪڻ جي ضرورت آهي. حڪومت ۽ قانون کي سنجيدگي سان عورتن کي تحفظ ڏيڻو پوندو ڇوته ان عورت بغير ترقي واري ھن صديءَ ۾ اھا آدرش ۽ ترقي اڌوري نه پر ناممڪن ئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو