ايڊز وائرس ۾ مبتلا عورت کي مڙس گهٽا ڏئي قتل ڪري خود ڪشي قرار ڏئي ڇڏيو

ڳڙهي ياسين(شفيق مهر) ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير خان رند ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي. نوجوان عورت زرينا خاتون کي پنهجي مڙس بهادر پنهجي پي ٺارو ۽ ڀائرن سان گڏجي ايڊز وائرس ظاهر ٿيڻ تي گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش وڻ ۾ ٽنگي خودڪشي جو ڊرامو رچايو آهي. مقتولہ عورت جو لاش ڏسي علائقي واسين ڊکڻ ٿاڻي تي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس وڻ مان ٽنگيل لاش هٿ ڪري ڳڙهي ياسين جي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

مقتولہ عورت جي ماء نهالان خاتون ٻڌايو ته منهجي ڌي ايڊز وائرس جو علاج لاڙڪاڻي مان ڪرائيندي هئي ۽ ڊاڪٽرن چيو هو ته ڪجهه مهينن بعد بيماري ختم ٿي ويندي. هن ٻڌايو ته ڌي جا ساهرا کيس گهر ڇڏڻ لاء تشدد ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته هن مان ٻين ڀاتين کي به ايڊز ٿي سگهي ٿي. مقتولہ عورت جي ڀاء اڪبر ۽ سرور رند چيو ته هي موتمار بيماهري ناهي ان باوجود به ڀيڻ جي مڙس ۽ سندس مائٽن کيس گهٽا ڏئي ماري لاش وڻ ۾ ٽنگي خود ڪشي جو ڏرامو ڪيو آهي. هنن چيو آء جي سنڌ جاچ ڪرائي ۽ جوابدارن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايڇ او ڊکڻ پوليس اسٽيشن مقتولا جي مڙس بهادر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو