ايڊز وائرس بابت آگاهي مهم لاءِ سيمينار منعقد، عوام احتياط ڪري، مقرر

ميرپورماٿيلو(ن س) ضلعي انتظاميا پاران عوام کي ايڊز وائرس بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ سيمينار منعقد ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ھال ۾ ٿيل ھڪ ڏينھن واري سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي سليم اللہ اوڍو، پي پي ايڇ آء ضلعي جو ڊي ايم حيدرشاہ، ڊاڪٽر ستيوان سميت مختلف خانگي اسپتالن جي ڊاڪٽرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مقررن ڊاڪٽرن ۽ عوام ۾ ايڊز پکڙجڻ جي سببن ۽ ان جي روڪٿام لاءِ احتياتي تدبيرون پڻ ٻڌايون. جڏھن تہ ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي سڀني ڊاڪٽرن سان مخاطب ٿيندي چيو تہ هو ايڊز جھڙي موذي مرض کان ماڻھن کي بچاء ۽ احتياط بابت ڄاڻ ڏين تہ جيئن ھو اھڙي موذي مرض کان بچي سگھن. مقررن چيو ته ايدز هڪ موتمار وائرس آهي جيڪا جنسي ميلاپ، ڊاڪٽرن جي بار بار ساڳئي سئي جي استعمال، حجمن ۽ ڏندن جي ڊاڪٽرن جي اوزارن، نشو استعمال ڪندڙن پاران سيون هڻن سان ڦهلجي ٿي. عوام کي خود به احتياط ڪرڻ گهرجي. ساڳيا اوزار استعمال ڪرڻ کان اڳ گرم پاڻي ۾ خاف ڪرڻ گهرجن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو