ايپل پاران پنهنجي پراڊڪٽس ۾ نئون فيچر متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گھڻا ماڻهو موبائل فون جو سولو پاسورڊ رکندا آهن، سولائي سان ياد رکڻ جي سهولت کي نظر ۾ رکندي لڳايل پاسورڊ اوهان جي اڪائونٽ ۽ آن لائين سيڪيورٽي کي خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيندو آهي. ان ڪري سائبر سيڪيورٽي ماهر پاس ورڊ کي وڌ کان وڌ پيچيده رکڻ تي زور ڏيندا آهن. جيڪڏهن اوهان وٽ ايپل جو ڊوائيس (آءِ فون يا آءِ پيڊ) آهي ته پوءِ ان ۾ سائبر سيڪيورٽي جو هڪ اهڙو فيچر آهي جيڪو اوهان کي ٻڌائي سگھي ٿو ته اوهان جا لاگ ان تفصيل (آءِ ڊي، پاسورڊ) ڪهڙين مخصوص ايپس جي ڊيٽا ليڪس ۾ ظاهر ٿي چڪا آهن.آءِ فون اوهان کي اهو به ٻڌائي سگھي ٿي ته اوهان جي ايميزون، گوگل ۽ نيٽ فليڪس جي اڪائونٽ جو پاسورڊ ڪٿي ظاهر ٿي چڪو آهي. نه رڳو اهو پر ان فيچر سبب اوهان ڄاڻايل ويب سائيٽس لاءِ هيٺ ڏنل مرحلن ۾ پنهنجا پاس ورڊز تبديل به ڪري سگھو ٿا. پنهنجي آءِ فون/ آءِ پيڊ جي سيٽنگز ۾ وڃو، هيٺ اسڪرول ڪندي پاسورڊ ٽيپ (ڪلڪ) ڪيو، جيڪڏهن اوهان جي گوگل، ٽوئيٽر ۽ ايميزون جي آن لائين اڪائونٽس جي سيڪيورٽي ڪمپرومائزڊ (پاسورڊ جي چوري، تبديل يا غير اثرائتو ٿي وڃڻ) ٿي چڪي آهي ته اوهان کي اتي حفاظتي تجويزون نظر اينديون. انهن سيڪيورٽي تجويزن تي ٽيپ ڪري اوهان ڏسي سگھو ٿا ته ڪهڙي اڪائونٽ ۾ مسئلو آهي ۽ ان جو ڊيٽا ڪٿي ليڪ ٿي چڪو آهي. اهو سيڪشن ڪمزور پاسورڊ هجڻ سبب ان کي امڪاني طور تي هيڪ ٿيڻ بابت وارننگ به ڏيندو. اوهان ڄاڻايل ويب سائيٽس تي پاسورڊ کي تبديل ڪرڻ سان گڏوگڏ فهرست ۾ ان جي داخل ٿيڻ کي ڊليٽ ڪري سگھو ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو