اين ايف سان کانسواءِ بجيٽ غير قانوني آهي،بلاول ڀٽو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ جيڪڏهن ڪا ڀلي ڳالهه ٿي آهي ته اها گڏهن جي آبادي وڌي آهي. هن چيو ته حڪومت جي بجيٽ ۽ بجيٽ اجلاس ٻئي غير قانوني آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي ته پوءِ حڪومت ڪير هلائيندو؟ هي چاهين ٿا ته اپوزيشن کي موقعو نه ملي ۽ بجيٽ عوام جي سامهون نه اچي. حڪومت تي تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خبردار ڪنهن ماڻهو ناجائز حڪومت لاءِ رياست مدينه جو لفظ استعمال ڪيو. هن چيو ته ماڻهو ڄاڻين ٿا ته 4.8 سيڪڙو گروٿ ڪوڙ آهي، جيڪو مزدور پنهنجي ماءَ جي دوا نٿو خريد ڪري سگهي اهو به سمجهي ٿو ته هي ڪوڙ آهي. هي بجيٽ ۽ بجيٽ سيشن غيرقانوني آهن. هن چيو ته اڄ تائين نئون اين ايف سي ايوارڊ ناهي ڏنو ويو، جيستائين نئون اين ايف سي ايوارڊ نه ڏنو ويندو، تيستائين هر بجيٽ غير قانوني هوندي. بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ هنگامي کي تاريخ جو بدترين ڏينهن قرار ڏنو. جنهن تي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر بلاول ڀٽو زرداري کي چيو ته ان معاملي تي ڳالهه ٿي چڪي آهي توهان بجيٽ تي بحث ڪريو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ان ڏينهن کي ڪڏهن به نه وساريندو ، توهان کي ان جي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن 18 هين ترميم ختم ٿي ته رڳو سنڌ نه سڀني صوبن کي نقصان ٿيندو، جيڪڏھن هاڻ اين ايف سي ايوارڊ نه ٿيندو ته به سمورن صوبن کي نقصان ٿيندو، اهو سڀ ڪجهه آئين ۾ لکيل آهي. هن چيو ته جڏهن سنڌ جو وڏو وزير پنهنجي صوبي جي مسئلن کي ماڻهن جي آڏو رکي ٿو ، ته هو ان کي ايئن ڪرڻ جو حق رکي ٿو، جيڪڏهن هو سنڌ بابت نه ڳالهائيندو ته ڇا هو جاپان ۽ جرمني بابت ڳالهائيندو؟ جڏهن وڏو وزير سنڌ جي ڳالهه ڪندو آهي، توهان هن سنڌ ڪارڊ جو الزام هڻندا آهيو، جيڪڏهن وزير اعليٰ سنڌ بابت نه ڳالهائيندو ته ڇا ڊونلڊ ٽرمپ سنڌ بابت ڳالهائيندو؟ هن چيو ته جيڪڏهن معيشت ايتري بهتر آهي جيتري حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته پوءِ آءِ ايم ايف جي پويان ڇو ٿا ڀڄو؟ بلاول جي تقرير جو جواب حماد اظهر ڏنو ۽ چيو ته جن جي سيني تي ڪرپشن جاداغ هجن اهي ڪهڙي منهن سان تنقيد ٿا ڪن؟ سندس تقرير کان اڳ ميان شهباز شريف ۽ بلاول ايوان مان هليا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو