ايم ڪيو ايم کي نفرت ڦهلائڻ نه ڏينداسين، شاهه / غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ تعليم وارن صوبائي وزيرن سيد ناصر شاهه ۽ سعيد غني گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ اپوزيشن تي اسمبلي جو ماحول خراب ڪندي نيب تي هڪ طرفي ڪاروائي جو الزام لڳايو آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته اسپيڪر بجيٽ سيشن کان پهرين ميٽنگ ڪئي، مخالف ڌر سان سڀ معاملا طئي ٿي ويا، رات جو ڦري ويا، اجلاس ۾ احتجاج ڪيو، کٽ کڻي آيا، اسپيڪر ٻيهر اجلاس ڪيو، وڏو وزيرايم ڪيو ايم سان به مليو پر پوءِ به احتجاج ڪري ايوان جو ماحول خراب ڪيو ويو، سعيد غني چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ آھي، نيب کي پ پ اڳواڻن خلاف استعمال ڪيو ٿو وڃي، فرخ شاهه کي جاچ دوران گرفتار ڪيو ويو، خورشيد شاهه ٻن سالن کان ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان موقعي تي ناصر شاهه چيو ته اسان لاڳيتو مخالف ڌر سان ملاقاتون ڪيون، گڏجاڻيون ڪيون، پر بار بار پنهنجي ڳالهين تان ڦرندا رهيا، هائوس کي ڊسٽرب ڪيو ويو، مخالف ڌر هڪ به ڪٽ موشن جمع نه ڪرايو، اجايو شور ڪيو ويو، هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن کي نه روڪيو ويو هو پر هي جيڪي دهل بينڊ باجا کڻي پئي آيا انهن کي روڪيو ويو هو، پوليس ۽ عملي سان بدتميزي ڪئي وئي، اجايو تماشو ڪيو ويو، ڊراما۽ شوبازي ڪئي وئي، ناصر شاهه چيو آهي ته اسان سنڌ ڪارڊ نه پر پاڪستان ڪارڊ جي ڳالهه ٿا ڪريون اسان چئون ٿا سنڌ سان نا انصافي نه ڪئي وڃي، پاڻي بند ڪيو ويو آهي گئس بند آهي تيل جون قيمتون وڌايون ويون آهن، ان موقعي تي سعيد غني چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ آھي، نيب کي پ پ اڳواڻن خلاف استعمال ڪيو ٿو وڃي، هن چيوته حليم عادل جي ڀاءُ تي قبضي جو ڪيس ثابت ٿئي ٿو، نيب اتي ڪارروائي ڇو نٿي ڪري، اينٽي ڪرپشن ۾ هلندڙ ڪيس نيب هٿن ۾ ورتو، حليم عادل جي خاندان مٿان ڪيس ثابت آھي، ڇا نيب انهن جا نالا به اي سي ايل ۾ وجهندو، ڇا انهن کي گرفتار ڪيو ويندو؟، هن چيو آهي ته احتجاج جي اجازت سڀني کي آھي، پر احتجاج جي پٺيان نفرت پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ايم ڪيو ايم ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ چاهي ٿي، متحده وارن جي سياست جو بنياد نفرت ۽ تشدد تي ٻڌل آھي، اڄ ايم ڪيو ايم جي باني جو نالو ختم ٿي ويو آھي، متحده وارا سياست عوام جي لاشن تي نه ڪن، ٽي تاريخ تي احتجاج جي نالي عوام ۾ نفرت ڀريا پرچا ورهايا وڃن ٿا، اڄ ڪراچي جي ماءُ کي اعتماد آھي ته هن جو پٽ ڪم تان صحيح سلامت واپس ايندو، هن چيو آهي ته خورشيد شاه بابت جواب ان جا ڊاڪٽر ڏيندا، اعجاز جکراڻي جي گهر مٿان ڇاپي جي مذمت ڪيون ٿا، بحريا ٽائون تي حملي جي جاچ جاري آھي، قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪي بي گناه آھن انهن کي آزاد ڪيو ويندو، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن به الطاف حسين جي حمايت نه ڪئي، نه ان جي دهشتگردي واري عمل جي حمايت ڪئي، پ پ چيئرمين ملڪ ۾ امن جي سياست کي ترجيح ڏيندو آھي،. نيب رڳو اسان خلاف ڪارروائي پئي ڪري حليم عادل شيخ خلاف انڪوائري شروع ڪئي آهي پر ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، نيب پاڻ مڃي ٿي ته زمينن تي غير قانوني قبضا ڪيا ويا اهن، هن چيو آهي ته ايم ڪيو ايم نه ٿي چاهي ته ڪراچي ۾ امن هجي، امن هوندو ته هنن جي سياست ختم ٿي ويندي. هن چيو ته حليم عادل شيخ زرعي زمين تي پلاٽنگ ڪري وڪرو ڪري ڇڏي پر نيب سندن خلاف ڪجهه نٿو ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو