ايمبولينس ايڌي، کاڌو سيلاني، حڪومت ڇا ٿي ڪري؟ عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) يتيم ڇوڪرين جي نڪاح، سندن حوالگي ۽ مٿن تشدد وارو معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ چائلڊ پروٽيڪشن  اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڊائڪريٽر حيدرآباد کي گهرائي ورتو ، عدالت پاران ڊي آئي جي انويسٽيگيشن، اي آئي جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ  کي رڪارڊ سوڌو پيش ٿيڻ جو حڪم  ڏنو ويو آهي، ايف آئي اي ۽ وومين ڊولپمينٽ  اٿارٽي جي ليڊي آفيسرن کي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته عدالت ايڌي کان به يتيم ٻارڙن  کي هنج وٺڻ جي حوالي سان  طريقيڪار طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت چائلڊ اٿارٽي ۽ سوشل  ويلفيئر کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي  آهي، ڪير پڇڻ وارو ناهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آئي اي  جي جاچ جي طريقڪار تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن ، جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي خبر آهي پر انويسٽيگيشن آفيسرز کي جاچ ڪرڻ جي خبر نه آهي، ڪورونا وائرس سٺو بهانو ملي  ويو آهي، ايمبولنس ايڌي  ۽ کاڌو سيلاني  ڏئي ٿي ته حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟ عدالت درخواست تي ٻڌڻي  8جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي  آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو