ايف اي ٽي ايف پاران گري لسٽ ۾ نالو برقرار رکڻ جو فيصلو

پئرس (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايف اي ٽي ايف پاڪستان پاران کنيل قدمن کي اڳڀرائي قرار ڏيندي کيس اڃا وڌيڪ اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪندي گري لسٽ ۾ نالو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايف اي ٽي ايف جي ورچوئل اجلاس جو آخري ۽ ٽيون ڏينهن هو، پئرس ۾ جاري اجلاس دوران مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسگ خلاف ورتل قدمن جو جائزو ورتو ويو، پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي امڪان ظاهر ڪيو هو ته گري لسٽ مان نالو خارج ڪيو ويندو. پاڪستان جو نالو جون 2018ع کان گري لسٽ ۾ شامل آهي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف ۾ سعودي عرب طرفان پاڪستان جي مخالفت واريون خبرون ڪوڙيون آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب عالمي توڙي علائقائي معاملن ۾ سدائين هڪ ٻئي سان سهڪار ڪيو آهي پاڪستان کي 27 نقطن تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو جنهن مان 21 نقطن تي عمل ٿي چڪو آهي 6 نقطن تي عمل ناهي ٿيو. پاڪستان کي 12 ووٽ گهربل هئا پر ان لاءِ هو لابنگ ۾ ناڪام رهيو، افغانستان ۾ آمريڪا کي محفوظ رستو فراهم ڪرڻ باوجود ان جو فائدو حاصل نه ڪري سگهيو آهي. پاڪستان کي فيبروري تائين مهلت ملي آهي ته رهيل اعتراض ختم ڪري ۽ مارڄ 2012 ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ بيهر جائزو ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو