سيشن ججز جا اختيار بحال ڪرڻ لاءِ احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي نوشھروفيروز ضلع بار ايسوسيئيشن پاران واعدي باوجود ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جا اختيار سيشن ججز کي واپس نه ڪرڻ خلاف ضلعي جي مڙني ماتحت  عدالتن , مورو, ڀريا, ڪنڊيارو ۽ محرابپور جي عدالتي ڪاروئي جو بائيڪاٽ ۽ احتجاجي مظاهرو.  تاريخن تي ايندڙ ماڻهو پريشان. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ضلع بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ عبدالرحيم عباسي ، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ امتياز حسين ميمڻ  ، شير محمد اڄڻ، اياز حسين مري، عزيزالله مري، شوڪت ٻوهيو ۽ ٻين چيو ته نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي پاران سيشن جج جي عدالتن مان 22 اي ۽ بي  جا اختيار ختم ڪرڻ وارو عمل ھن رياست کي پوليس اسٽيٽ بنائڻ برابر آھي اھڙي فيصلي سان غريب شھرين ۽ سائلن جون ڏکيائيون وڌي ويون آھن  شھرين وٽ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو هي هڪ آسان رستو هيو. جيڪو  کسجڻ ڪري غريب بي پهچ سائل پريشان آھن. هنن مطالبو ڪندي چيو ته اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪيون ته پنهنجي ڪيل فيصلي تي نظر ثاني ڪري فيصلو واپس ورتو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو