ايف آءِ آر بابت سيشن ججز جي اختيارن جي بحالي لاءِاحتجاج

نوشھروفيروز )رپورٽ مشتاق حسين مري) پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي نوشھروفيروز ضلع بار ايسوسيئيشن پاران سيشن ججز جا ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ وارا اختيارکين واپس نه ڪرڻ خلاف ضلعي جي مڙني ماتحت  عدالتن , مورو, ڀريا, ڪنڊيارو ۽ محرابپور جو عدالتي ڪاروھنوار جو بائيڪاٽ، احتجاجي مظاهرو,  تاريخن تي ايندڙ ماڻهو پريشان. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ضلع بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ عبدالرحيم عباسي ، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ امتياز حسين ميمڻ  ، شير محمد اڄڻ چيو ته نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي پاران سيشن ججز  جا اختيار ختم ڪرڻ وارو عمل ھن رياست کي پوليس اسٽيٽ بنائڻ برابر آھي اھڙي فيصلي سان غريب شھرين ۽ سائلن جون ڏکيائيون وڌي ويون آھن. هن چيو ته  شھرين وٽ ايف آء آر داخل ڪرائڻ جو هي هڪ آسان رستو هيو، جيڪو  کسجڻ ڪري غريب بيپهچ سائل پريشان آھن. هنن مطالبو ڪندي چيو ته اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪيون ته پنهنجي ڪيل فيصلي تي نظر ثاني ڪري فيصلو واپس ورتو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو. ياد رهي ته پاڪستان بار ڪائونسل جي وفد سان ملاقات ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا سندن مطالبو مڃو هو پر ان تي اڃا عمل ناهي ٿيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو