ايشيا ڪرڪٽ ڪپ 2020 ملتوي ايندڙ سال سريلنڪا ۾ ٿيندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪرڪٽ ڪپ 2020 ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي هاڻي ڪپ جون 2021 ۾ سريلنڪا ۾ منعقد ٿيندو. ايشيا ڪرڪٽ ڪائونسل ڪورونا وائرس سبب صحت جي خطرن ۽ سفري پابندين سبب اهڙو فيصلو ڪيو آهي. ايشيا ڪرڪٽ ڪائونسل ته اعلان خميس تي ڪيو آهي پر انڊين ڪرڪٽ بورڊ جي اڳواڻ سارو گنگولي ڪالهه ئي ڀارتي ميڊيا کي ٻڌايو هو ته سيپٽمبر ۾ رٿيل ايشيا ڪرڪٽ ڪپ هن سال نه ٿيندو. 2022 ۾ هي ڪپ پاڪستان ۾ منعقد ٿيندو. ياد رهي ته پاڪستان 2012 ۾ پهريون ڀيرو ايشيا ڪپ کٽيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو