ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ احتجاج

نوشهروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ)ڳوٺ هاشم کوسو جي رهواسين پاران پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان جي جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ، سول سرجن پاران ڪوڙي پوسٽ مارٽم رپورٽ ڏيڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن حاجي خان کوسو، عزيزالله، ممتاز، انور علي، بشير احمد کوسو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي ايس پي مورو عبدالله لاکير، ايس ايڇ او سڌوجا سڪندر چانگ پوليس اٽالا ساڻ ڪري اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري اسان جي ٻن نوجوانن محمد يوسف ۽ معشوق کوسو کي زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جڏهن ته تشدد دوران اسان جو نوجوان محمد يوسف فوت ٿي ويو هو پر هن وقت تائين نه اسان جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي نه ئي تشدد ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته سول سرجن ڊاڪٽر مشتاق مهيسر پڻ پوليس جي ونگار وهندي اسان کي غلط پوسٽ مارٽم رپورٽ ڏني آهي جڏهن ته ڊاڪٽر اصلي پوسٽ مارٽم رپورٽ ڏيکارڻ لاءِ تيار ناهي جنهن لاءِ اسان پڻ هاءِ ڪورٽ وينداسين. هنن چيو ته پوليس اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي ته پٽيشن تان هٿ کڻو نه ته ٻي صورت ۾ توهان کي به ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي اندر ڪري ڇڏينداسين. هنن ڊي آءِ جي نوابشاهه، ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث پوليس عملدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو