ايس ايس پي گهوٽڪي جي چارج عرفان سمون حوالي

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو) ايس پي گهوٽڪي ڊاڪٽر فرخ علي لنجار گذريل ڏينهن وڏي موڪل تي ٻاهرين ملڪ روانو ٿي ويو آهي جڏهن ته گهوٽڪي جي چارج ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون کي سونپي وئي آهي، گهوٽڪي ضلعو اٺن مهينن کان وٺي بدامني جي باھ ۾ ٻري رهيو آهي،گهوٽڪي ضلعي ۾  ڦرون چوريون اغوائن جون وارداتون عروج تي پهچي چڪيون آهن جڏهن ته اهڙي صورت حال بعد عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳي آهي. ***بگو واھ محلي مان نامعلوم چور گهر ٻاهران بيٺل حيدر شيخ جو ڦٽي وارو رڪشا ڪاهي فرار ٿي ويا شڪ جي بنياد تي منير ڪلهوڙو تي اين سي داخل ڪرائي ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي واضح رهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ ساڳي هنڌان نامعلوم چور غلام علي جتوئي جي موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا جيڪا اڃان تائين واپس نٿي آهي ، مگر پوليس وڏيرن جي ونگار ۾ پوري آهي.*** سرڪار طرفان ٽئڪس ۾ معمولي اضافو ڪرڻ بعد کاڌي پيتي واريون شيون،دوائن سميت ٻين عام واهپي جي شين جا اگھ ٻيڻا ٽيڻا ڪري ڇڏيا،گورنمينٽ اهڙي عمل کان بي خبر بڻيل معاشي طور بدحال ٿيل غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائڻ کان به محروم بڻيل،خبر موجب گهوٽڪي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سيف عباسي،حسين ملڪ،دوارڪاداس، ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت طرفان معمولي ٽئڪس وڌائڻ بعد دوائن جي ميڊيڪل اسٽور وارن ۽ روزمره جي استعمال شين وارن دڪاندارن ڪپڙي جي دڪاندارن ،ڪريانه اسٽورن توڻي جنرل اسٽورن وارن فلور ملن سبزين جا هر شيءِ  جا اگھ ٻيڻا ٽيڻا ڪري ڇڏيا آهن. معمولي ٽئڪس وڌڻ کان پوءِ هر ڊپارٽمينٽ ۾ به رشوت جا ريٽ به وڌي چڪا آهن سنڌ جو ڪو به حڪمران جو ڪو به ڪنهن غريب جي دانهن ڪوڪ  ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي غريب عوام جهولي در ٻاڏائي رهيو آهي .***گذريل ڏينهن گهوٽڪي شهر جي ماٿيلو چوڪ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو هو، جڏهن ته  ڳوٺ ابراهيم ساوند جو رهواسي نوجوان ربنواز ساوند زخمي ٿي پيو هو، جيڪو اڄ سکر جي پرائيويٽ اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.**** پوليس ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون پوليس گشت دوران ڳجهي اطلاع تي ڏنگڙو واھ ڀرسان خادم حسين پٽ غلام قادر چاچڙ کي 1100 گرام چرس ۽ هڪ هزار نقد  رقم سميت گرفتار سندس  مٿان ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو