ايران پاران اورماڙا واقعي جي دهشتگردن جي ڳولا ۾ تعاون جي خاطري

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) ايران جي پرڏيهي وزير محمد جاويد ظريف اورماڙا واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جي تلاش ۾ مدد جي خاطري ڪرائي آهي ۽ اميد ٿا ڪريون ته ايران ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندي ترت اپاءَ وٺندو. اهڙو اظهار وزير خارجه شاهه محمود قريشي ڇنڇر تي ايراني وزير خارجه سان واقعي بابت فون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن اهو به ٻڌايو ته ايراني وزير خارجه چيو ته هو ان واقعي جي اڳ ۾ ئي مذمت ڪري چڪا آهن ۽ ان باري ۾ وزيراعظم عمران خان جي آچر کان شروع ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري دوري دوران روبرو ڳالهائينداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان پاران حاصل ڪيل ڀروسي جوڳن ثبوتن مان اها پڪ ٿئي ٿي ته گذريل خميس جي صبح سوير ڪوسٽل هاءِ وي تي گوادر کان ڪراچي ويندڙ بسون روڪي شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري 14 بيگناه ماڻهن کي قتل ڪندڙن جو پيرو ايران وڃي ٿو ۽ هن ان باري ۾ ثبوت ايران حوالي ڪيا آهن. هن وثوق سان چيو ته مختلف بلوچ دهشتگرد تنظيمن “ براس” نالي اتحاد قائم ڪيو آهي ۽ ان جو اڏو ۽ تربيت ڪيمپون ايران ۾ آهن. ياد رهي ته براس لفظ بلوچي زبان جو آهي جنهن جو مطلب ڀاءُ آهي. وزير خارجه چيو ته “براس” جا ماڻهون افغانستان ۾ به آهن ۽ اسين افغان حڪومت کان به توقع ڪريون ٿا ته هو انهن خلاف ڪاروائي ڪندا، پر هن ان باري ۾ وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا. شاهه محمود قريشي وڌيڪ ٻڌايو ته ايران سان طئي ڪيو آهي ته سرحد کي پرامن بنائڻ لاءِ باڙ لڳائي ويندي ۽ ٻنهي ملڪن پاران هيليڪاپٽرن ذريعي نگراني ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ايران سرحد جي نازڪ جاين تي باڙ لڳائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي ملڪ گڏيل باردر سينٽر قائم ڪندا، پيٽرولنگ جون مشقون ڪندا، ايران بارڊر لاءِ خصوصي ڪمانڊ قائم ڪبي جنهن جو هيڊ ڪوارٽر تربت ۾ هوندو، نئين ايف سي فورس جڙندي جيڪا سرحد تي تعينات هوندي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ 950 ڪلوميٽرڊگهي سرحد آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فارين آفس جي هڪ لابي وزيراعظم کي ايران جو دورو ملتوي ڪرڻ جو مشورو ڏنوهو پر ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي تفصيلي ڳالهه ٻولهه بعد پاڪستان دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ايران اهو به چيو ته عمران خان جي تاريخي دوري کي ناڪام ڪرڻ لاءِ اهو واقعو دشمنن ڪرايو آهي. ڪجهه مبصر ان اشاري کي سعودي ۽ ڀارت جي تناظر ۾ ڏسن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو