ايئر انڊيا جو جهاز لينڊنگ دوران ٻه ٽڪر ڪيترائي مسافر فوت

نئين دلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ دبئي کان ايندڙ جهاز لينڊنگ دوران ٻه ٽڪر ٿي ويو، حادثي سبب ابتدائي طور 19 ماڻهن جي مرڻ جي تصديق ٿي آهي ۽ 80 ماڻهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. جهاز جو بليڪ باڪس به هٿ ڪو ويو آهي. ايئر انڊيا جو مسافر جهاز  ڪيرالا جي ڪالي ڪٽ ايئرپورٽ تي لينڊمگ دوران 35 فٽ پري وڃي ڪريو ۽ ٻه ٽڪر ٿي ويو. جهاز ۾ عملي سميت 191 مسافر سوار هئا. مسافرن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.مرڻ وارن ۾ جهاز جو پائلٽ ۽ ڪو پائلٽ به شامل آهن. ڀارتي سول ايويشن موجب جهاز لينڊنگ دوران توازن قائم نه رکي سگهيو ۽ ڀت ٽوڙيندي ٻه ٽڪر ٿيو. خوشقسمتي سان جهاز ۾ باهه نه لڳي،

Photo Twitter

ايئرپورٽ تي بارش جو پاڻي بيٺو هو ۽ جهاز سلپ ڪري ويو. ڀارت ۾ تمام گهڻي بارش سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ پاڻي هيهي رهيو آهي.بارش سبب ڪيترن روڊن تي گاڏيون بند ٿي ويون آهن ۽ خلق پريشان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو