ايئرپورٽ سمگلنگ ۽ غيرقانوني سرگرمين جا اڏا آهن،چيف جسٽس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ هوائي اڏامن جي اچ وڃ ۾  دير ۽ مسافرن جو سامان گم ٿيڻ وارين شڪايتن بابت سول ايوي ايشن اٿارٽي جي رپورٽ تي ڪاوڙ ۽ عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ٻن هفتن ۾ تفيصلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. 2 سال اڳ ورتل پاڻ مرادو نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي عدالت هدايت ڪئي ته هوائي اڏامن ۾ دير توڙي مسافرن کي سامان جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ سان گڏ منشيات جي روڪٿام بابت  ڪسٽم، اي اين ايف ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان به رپورٽون طلب ڪيون آهن. جمعي تي ڪراچي  رجسٽري ۾ عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رپورٽ سميت پيش ٿيو ، عدالت  کيس مخاطب ٿيندي چيو ته اڏامن ۾ دير ۽ سامان وارا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟.  اوهان ڪجهه ناهي ڪيو؟.  اوهان کي ڪا خبر ئي ناهي؟ ڪير جواب ڏيندو؟.  فلائيٽس دير جو  شڪار ٿئي ٿي مسافرن سان ڇا ٿيندو آهي؟ ايتري ڳالهه اوهان کي سمجهه ۾ نٿي اچي؟ اوهان ڪيئن  ڊائريڪٽر ٿيندا؟.  چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪنهن فلائيٽ ۾ دير ٿئي ٿي ته مسافرن کي ترسائڻ لاءِ ڪا جاءِ آهي؟ جنهن تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ان حوالي سان لاڳاپيل ايئر لائن ئي ذميوار هوندي آهي. چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد ايئرپورٽ جي ڪنسٽرڪشن جهڙي طرح ٿي اها ته ڪڏهن به ڊهي سگهي ٿي. حڪومت 10 ڀيرا ان جي قيمت ادا ڪري چڪي آهي. چيف جسٽس چيو ته ايئرپورٽ تان چرس ملي يا ڪرنسي اسمگلنگ ٿئي پر ڪنهن جا به فوٽيج نه ٿا ٺهن، ڪرنسي به اسمگل ٿي رهي آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هڪ ڪيس جا اي ايس ايف وٽ فوٽيج هئا پر  پيش نه ڪيا ويا جنهن ڪري اسان جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته  ايئرپورٽ غيرقانوني سرگرمين جو مرڪز ۽ انتظاميه ريڪٽ آهي.  سڄي دنيا مان هٿيار به هتي  اچن ٿا ۽ سڄي ملڪ جو مستقبل پڻ اتي ئي طئي ٿئي ٿو. چيف جسٽس گلزار احمد سول ايوي ايشن اٿارٽي جي نمائندي کي  مخاطب ٿيندي چيو ته  اوهان کي ڪيترو عرصو ٿيو آهي؟ جنهن تي ان ٻڌايو ته سول ايوي ايشن اٿارٽي ۾ ڪم ڪندي 20 سال ٿي ويا آهن جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن توهان کي سول ايوي ايشن اٿارٽي ۾ ڪم ڪندي 20 سال ٿي ويا آهن ته پوءِ توهان کي ته ڪافي ڄاڻ هوندي؟. ٻڌايو ڇا ٿي رهيو آهي. جنهن تي  ڊائريڪٽر چيو ته جتي جتي شڪايت ملندي آهي اتي  ڪارروائي ٿيندي آهي ۽ اها ڪارروائي  اي ايس ايف ڪندي آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مسافرن سان ڇا ٿيندو آهي؟ پهريان اهو ٻڌايو هر روز فلائيٽس دير جو شڪار ڇو  ٿين ٿيون؟ ۽  اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو.؟ جنهن بعد عدالت سول ايوي ايشن جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل کي گذريل هڪ سال دوران جهازن جي اڏامن ۾ دير ٿيڻ بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪئي. ٿوري دير بعد سول ايوي ايشن اٿارٽي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل  تنوير اشرف پيش ٿيو ته چيف جسٽس گلزار احمد، سول ايوي ايشن اٿارٽي جي  ايڊيشنل  ڊائريڪٽر جنرل  کان پڇيو ته اوهان کي عدالتي حڪم جي ڄاڻ نه هئي جو پاڻ پيش ٿيڻ بجاءِ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي موڪليو جنهن تي سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل چيو ته مون کي عدالتي حڪم بابت  اڄ صبح  ڄاڻ ملي، جنهن تي جسٽس گلزار احمد کيس چيو ته 31 مارچ 2018ع تي عدالت حڪم ڏنو هو جنهن تي توهان کي عمل ڪرائڻو هو جنهن تي ايڊيشنل ڊي جي چيو ته عدالتي حڪمن جي روشني ۾ ڪافي انتظام ڪري ورتا آهن جنهن تي چيف جسٽس  چيو ته مسئلا ته اڃا به هلي رهيا آهن جنهن تي  ايڊيشنل ڊي جي چيو ته موسم جي ڪري  فلائيٽس ۾ دير وارا مسئلا پيش اچي رهيا آهن. اڄ به ٽي فلائيٽس ملتان کان لاهور واپس موڪليون ويون آهن. ڌنڌ جي موسم سبب فلائيٽس دير جو شڪار ٿين ٿيون جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان ڪوهيڙي کي ڇڏيو.  فلائيٽس هونئن به دير جو  شڪار ٿين ٿيون، فلائيٽ ملتوي ٿيڻ تي مسافرن کي ڪهڙي  ادائيگي ڪندا آهيو؟ جنهن تي ايڊيشنل ڊي جي ٻڌايو ته اهو ڪم ايئر لائن کي ڪرڻو هوندو آهي پر  مسافرن کي ڀاڙو واپس ڪيو ويندو آهي.  عدالت چيو ته عملي طور تي ڇا ٿي رهيو آهي؟ اسان اهو پڇي رهيا آهيون جنهن تي ايڊيشنل ڊي جي چيو ته مون وٽ پڪا انگ اکر ناهن جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان صرف ڪرسي گرم ڪرڻ لاءِ ويٺا آهيو؟ اسان اوهان کي گهر به موڪلي سگهون ٿا ۽ اسان اهو آرڊر به ڪنداسين ته ڪورٽ ۾ سيڪريٽري يا ايم ڊي کان گهٽ عهدي جو آفيسر پيش نه ٿيندو. عدالت جي حڪم باوجود اوهان پيش نه ٿيا جيڪڏهن اوهان کي عدالتن جي آرڊر جو پتو ناهي ته اوهان کي ڪو به پتو ناهي جنهن بعد عدالت سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل کي فلائيٽس ۾ دير ۽ رد ٿيڻ  بابت تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪسٽم،  اي اين ايف ۽ ٻين ادارن کان پڻ منشيات ۽ ڪرنسي سمگلنگ کي روڪڻ بابت رپورٽون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  

پهنجو تبصرو موڪليو