اوڏ ڪير آهن؟ اوڏن جي تاريخ تي هڪ نظر

ليکڪ  ميرچند اوڏ

اوڏ برادري سنڌ جي هڪ قديمي برادري آهي. مٽيءَ جون ڀتيون ٺاهيندڙن ۽ اوڏڪي ڪم ڪندڙن کي ”اوڏ“ چيو ويندو آهي. لفظ” اوڏ“ جو مطلب آهي ”اڏيندڙ“. درحقيقت اوڏ قبيلو يا برادري ناهي، پر اوڏ هڪ پيشو ڌنڌو آهي. اوڏن ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون آهن. جيئل راءِ اوڏ پنھنجي ڪتاب ” سنڌ شناسي“ ۾ اوڏن کي قوم ڪوٺيو آهي، جڏهن ته آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس مطابق قوم جي وصف هن طرح ٿيل آهي

” هڪ ملڪ، ماڻهن جو اهڙو ٽولو جن جي ساڳي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ، جيڪي هڪ حڪومت هيٺ خاص علائقي ۾ رهندڙ هجن.“

جيئل راءِ اوڏ مطابق اوڏ قوم نٿي ٿي سگهي، پر اوڏ فقط قبيلو يا برادري آهي آهي. پاڪستان جا اوڏ ساڳي ذات واري خاندان سان رشتو نہ ڪندا آهن. اوڏ اهڙي هنڌ مٽي مائٽي ڪندا آهن، جتي ڏاڏاڻن ۽ ناناڻن جي لِڇ نہ لڳندي هجي پر ڀارت ۾ پاڪستان کان لڏپلاڻ ڪري ويل ۽ ۽ راجسٿان رياست کان علاوه ڪجھ اهڙا بہ اوڏ آهن، جيڪي ساڳي ذات واري خاندان کان سواءِ پڦي، ماسِي ۽ مامي وغيره جي ڌيءَ سان به شادي ڪندا آهن، جن کي ” سانگهڙِي اوڏ“ سڏيو وڃي ٿو.

ڀارت ۾ اڪثر مِٽيون مائٽيون مائٽن جي پسند مطابق يا ڇوڪرو ۽ ڇوڪِريءَ جي پسند مطابق ڪرڻ جو رواج عام آهي. جڏهن اوڏ برادريءَ جي ڪنهن خاندان جي ڇوڪرِِي يا ڇوڪرو جوان ٿيندو آھي ته، پوءِ انهن جي والدين پاران انهن جي شاديءَ لاءِ اوڏ برادري جي ماڻهن سان ڳالھ ٻوله ڪئي ويندي آهي، خاص طور تي مُکين سان رابطو ڪيو ويندو آهي. (مُکي جو ڪم اوڏ برادري سان تعلق رکندڙ پئنچات جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرائڻ هوندو آهي.)  مُکي وري ٻين مُکين کي سڱ لاءِ چوندو آهي. جڏهن ٻئي مُکي کي سڱ سُجهندو آهي ته مٽي مائٽيءَ لاءِ چوندڙ مکيءَ کي ٻڌايو ويندو آهي ۽ پوءِ مٽي مائٽي ڪندڙ خاندان تائين اها ڳالھ پهچائي ويندي آهي. جڏهن مٽي مائٽي ڪندڙ خاندان رشتي لاءِ راضپو ڏيکاريندو آهي، ته پوءِ اهو مکي ٻئي مکي سان ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي رشتو ڏيندڙ خاندان کي ٻڌائيندو آهي. ان کان پوءِ ٻئي خاندان هڪٻئي جي ڇوڪرِي ۽ ڇوڪريءَ کي ۽ گهر ٻار ڏسڻ لاءِ ڪو خاص ڏينهن مقرر ڪندا آهن.

اوڏ برادري جون ڪجھ تہ اهي ئي ريتون رسمون آهن، جيڪي باقي سنڌين جون آهن پر ڪجھ هن برادريءَ جون پنھنجون ريتون رسمون آهن. هن برادري ۾ سڱابندي (مِٽي مائٽي)  مختلف طريقن سان ڪئي ويندي آهي، جنھن جا ست مختلف طريقا آهن. انهن مان ڪو به هڪ سگائي (مڱڻو ڪرڻ) وقت طئي ڪيو ويندو آهي. اهي ھن ريت آهن:

(1) ڏي وٺ :

اوڏ برادري جي شادي ڪرڻ جي هن طريقي ۾ اوڏن جا ٻئي ڪٽنب، هڪٻئي کي عيوضي طور پنهنجون ڇوڪريون ڏيندا آهن. اوڏن ۾ اڪثر ڪري هن طريقي مطابق شادي ڪئي ويندي آهي.

(2) ٽڪن تي سڱ ڏيڻ:

هن طريقي ۾ ڇوڪري وارا ڇوڪرِي وارن کي پيسا ڏيئي شادي ڪندا آهن. ورهاڱي کان اڳ 250 سئو روپين عيوض سڱ ورتو ويندو هو. پاڪستان ۾ هن وقت ڪنوارو سڱ 60 هزار کان وٺي 90 هزار رپين تائين آهي. جڏهن تہ طلاق يافتہ يا بيواھ عورت جو سڱ 30 هزار روپين کان 40 هزار روپين تائين آهي. پاڪستان ۾ هن وقت اوڏن ۾ ڪنواري ڇوڪري جا 50 ھزار روپيا ٽڪن طور ورتا ويندا آهن ۽ رنڙ عورت جو 30 هزار روپيا.

(3) پس تي :

هن طريقي ۾ ڏي وٺ ٿيندي آهي ۽ شاديءَ جون سموريون رسمون ادا ڪيون وينديون آهن، پر رخصتي بالغ ٿيڻ بعد ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڇوڪرو عمر ۾ وڏو ۽ ڇوڪري ننڍي يا نابالغ هوندي آهي ته ان صورت ۾ گهوٽ وارا ڪنوار وارن کي ڇوڪريءَ جي بالغ ٿيڻ جي سالن مطابق پيسا ڀري ڏيندا آهن. هن وقت سال جي حساب سان پنج هزار رپيا سال جا آهن. ھن طريقي ۾ بَٺن تي ڪم ڪندڙ، شعور نه رکندڙ ۽ معاشي حوالي سان پوئتي پيل اوڏ اچي وڃن ٿا. شاديءَ جو هي طريقو ڪافي گهٽجي ويو آهي.

(4) پيٽ لکي ڏيڻ:

هن طريقي مطابق اوڏ گهوٽيتن کان پنهنجي نياڻيءَ جي عيوض ان جي اولاد منجهان نياڻيءَ جو سڱ لکرائي وٺندا آهن.

(5) ڌرمائو:

هن طريقي ۾ ڪنواريتا گهوٽيتن کي پنهنجي نياڻي مفت ۾ ڏيندا آهن ۽ انهن کان ڪجھ بہ نہ وٺندا آهن.

(6) گهرجوائين (گهر ناٺي):

ھن طريقي مطابق گهوٽ کي پنهنجي ساهرن سان گڏ رهڻو پوندو آهي، اهو معاملو شادي ڪرڻ کان اڳ ۾ طئي ڪيو ويندو آهي تہ گهوٽ کي پنهنجي ساهرن وٽ پنجن کان ڏهن سالن تائين رهڻو پوندو آهي. هي طريقو هن وقت نہ هئڻ برابر آهي. گهر ناٺين جو مدو پنجن سالن کان ڏهن سالن تائين هوندو آهي، جنھن کان پوءِ هو آزاد هوندو آهي. جيڪو شخص ضعيف هوندو آهي ۽ ان کي پُٽاڻي اولاد نہ هوندي آهي تہ اهو شخص گهرجُوائِين طور پنهنجي نياڻي پرڻائي ڏيندو آهي تہ جيئن گهرجُوائِين کيس پِيريءَ ۾ سھارو بڻجي سگهي. جيترا سال طئي ڪيا ويندا آهن، اوترا سال گهرجُوائِين تي فرض هوندو آهي تہ ھُو پنهنجي ساهرن کي ڪمائي کارائي. جيڪو شخص ڪجھ عرصو گهرجُوائِين رهڻ بعد ايئن رهڻ نہ چاهيندو آهي تہ پوءِ برادريءَ پاران سڱ جا ٽڪا طئي ڪري ٽڪا ورتا ويندا آهن.

7) پلي پلا ٻانڌڻ:

شاديءَ جي هن طريقي موجب مُھرِي جو سنوڻ ڪيو ويندو آهي. جيڪڏھن ڪنھن عورت جو مڙس سرڳواسي ٿي ويندو آهي يا ڀنج (اوڏ طلاق کي ‘ڀنج’ چوندا آهن.) ٿيندي آهي تہ ان صورت ۾ اهڙي عورت جي شادي ٿيڻ وقت گهوٽ ۽ ڪنوار کي ڦيرا نہ ڏنا ويندا آهن. شاديءَ ۾ ڪل ست ڦيرا هوندا آهن، جنھن ۾ عورت ٽي ڦيرا ڏيندي آهي، ان کان پوءِ عورت کي ڪڏهن بہ ڦيرا نہ ڏيڻا هوندا آهن ۽ مرد وري هڪ ڦيرو ڏيندو آهي، باقي مرد جا ٽي ڦيرا رهندا آهن، جيڪي هو بعد ۾ شادي ڪرڻ وقت ڏيندو آهي. مرد پنھنجي زندگيءَ ۾ چار ڀيرا شادي ڪري ڦيرا ڏئي سگهي ٿو پر عورت فقط هڪ ڀيرو ڦيرا ڏيندي آهي.

ڪو بہ مرد ڪنوار جي رئي جي پاند کي گهوٽ جي ڪلهي تي لڙڪيل پاند کي ڳنڍ ڏئي ٻڌندو آهي. گهوٽ ۽ ڪنوار مٿان ڳاڙهو رئو جهلي بيھاريو ويندو آهي ۽ پوءِ غير شادي شده عورت مُھرِي سان گهوٽ ۽ ڪنوار جي گوڏن تي هوريان هوريان ٽي ڀيرا هنيو ويندو آهي. اهڙي نموني ھيءَ رسم ادا ڪئي ويندي آهي. هيءَ رسم فقط ڪنوار جي ڀاءُ کي ادا ڪرڻي هوندي آهي. ڪنوار ۽ گهوٽ جا پاڻ ۾ گوڏا ملائي ويھاريو ويندو آهي ۽ پوءِ ٻنهي کي هار پاريا ويندا آهن. ان بعد ٻنهي جي شادي ٿي ويندي آهي. اهڙي نموني هن رسم کي ” پلا پلي ٻانڌڻ“ چيو ويندو آهي.

ڪٿي ڪٿي اهو بہ ڏسڻ ۾ آيو آهي تہ طلاق يافته يا بيواھ عورت کي بہ ڦيرا ڏياريا ويندا آهن. هندستان ۾ بہ ساڳي ريت شادي ڪئي ويندي آهي ۽ ڪٿي ڪٿي تہ فقط هڪٻئي جا پلوَ ٻڌا ويندا آهن ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار هڪٻئي کي جئہ مالها پارائي شاديءَ جي رسم ادا ڪندا آهن. هندستان جي اوڏن ۾ اڪثر پيار جي پرڻي ۽ مائٽن جي پسند جي شادي ڪرڻ جو رواج عام آهي.

اوڏ برادريءَ ۾ سگائي يعني مڱڻِيءَ جي رسم :

مڱڻي کي اوڏڪي ٻوليءَ ۾ ”سگائي“ چيو ويندو آهي ۽ مٽي مائٽي ڪرائيندڙ کي وڪيل (وچويو) چيو ويندو آهي، جڏهن تہ هندستان جا اوڏ وري ”بِچولا “ ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار جي مامن کي وڪيل چوندا آهن. آڳاٽي زماني ۾ سگائي ٻنهي ڌرين جي ڪنهن به هڪ وڪيل (وچويي)  جي گهر ٿيندي هئي، پر هن وقت سگائيءَ جي رسم ڪنواريتن جي گهر ۾ ادا ڪئي ويندي آهي جنھن ۾ ڪنواريتا، انهن جا مائٽ ۽ ڪنواريتن جو وڪيل، جيڪو ساڌي ڪرائيندو آهي ۽ گهوٽيتن مان گهوٽ جا مائٽ ۽ گهوٽيتن جو وڪيل ۽ ٻيا مُکِي شريڪ ٿيندا آهن.

سگائي جي رسم ۾ گڻيش مھراج يا گڻيش ڀگوان (جنهن کي اوڏ گُسائِين چون)  کي ڳڙ جي ڌوڪ ڏني ويندي آهي. ”ڌوڪ“ کي هندي ٻوليءَ ۾ ” ڀوگ“ چئبو آهي. آڳاٽي زماني ۾ سگائيءَ جي ڌوڪ ۾ استعمال ٿيندڙ ڳڙ سوا هڪ ڪلو، سوا ٻہ ڪلو مٺائي طور آندو ويندو هو. انهن جي خيال مطابق، ڪلو گرامن سان گڏ سوا جو هجڻ ان ڪري ضروري هوندو هو تہ جيئن زندگين ۾ محبت ۽ مٺاس سوايو رهي پر هن وقت اهو رواج ختم ٿي چڪو آهي. هي ڌوڪ اوڀر طرف منھن ڪري ڏني ويندي آهي. سگائي جي رسم ادا ڪرڻ وقت سمورن مردن کي هيٺ پٽ تي ويھاريو ويندو آهي، پنج پاءَ ڳڙ ۽ ڪڻڪ جي مانيءَ جا ست اڦراٽا پچايا ويندا آهن. ياد رهي تہ ست اڦراٽا اوڏن جي درويش ۽ ولي جئي رام سخيءَ جا معتقد ئي ڌوڪ ڏيندا آهن جنھن جي مڃيندڙن جي وڏي اڪثريت موجود آهي. ان سان گڏ پاڻيءَ سان ڀريل گلاس ۾ هڪ رپئي جو سڪو وڌو ويندو آهي، ان سڪي کي لڇمي ديوي طور تصور ڪيو ويندو آهي. انهن شين سان گڏ ڪَچن چانورن جي لپ به رکي ويندي آهي. ڪتاب ” سنڌ شناسي“ جي صفحي نمبر 217 تي ڪچن چانورن جي داڻن کي ليکڪ جيئل راءِ اوڏ ” اَکا“ ڪوٺيو آهي، پر انهن ڪچن چانورن جي داڻن کي اوڏ پنهنجي اوڏڪي ٻوليءَ ۾ ”آنکي “ چوندا آهن.

پئنچات آڏو ٻنهي ڌرين جا وڪيل آمهون سامهون ٿي مٽي مائٽيءَ جون ڳالهيون طئي ڪندا ويندا آهن ۽ هر وڪيل پنھنجي پنھنجي ڌر کان سندن راضپو معلوم ڪرڻ بعد سٽ واري ڌاڳي کي ڳنڍ ڏيندو ويندو آهي. انهيءَ ڳنڍ ڏيڻ واري عمل کي اوڏڪي ٻوليءَ ۾ ”ڳانٺا “ چوندا آهن. جڏهن ڳالهيون مڪمل ٿي وينديون آهن تہ پوءِ ٻنهي ڌرين جي وڪيلن مان ڪنهن هڪ کي ڌوڪ جي رسم ادا ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي. ڌوڪ هڪ اهڙي رسم آهي جيڪا شادي، مڱڻو، خيرات، ڇٺِي يا باس ڏيڻ جي موقعن تي گُسائِين يعني گڻيش مهراج يا گڻيش ڀگوان، پيرن، ديوتائن يا پنھنجي وڏڙن جي روحن کي نذراني طور ادا ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ ڪجھ شيون جهڙوڪ: رڌل گوشت، ميوو، چانور ۽ بُسرِي وغيره نذراني طور پيش ڪئي ويندي آهي. جڏهن پير، ديوتا يا وڏڙن جي روحن کي ڌوڪ ڏني ويندي آهي تہ ڌوڪ ڏيندڙ ان ديوتا، ڀگوان، پير يا پنهنجي وڏڙن جي سماڌِي يا قبر طرف منهن ڪري اها ڏيندا آهن. ان طرف منھن ڪري ڳڙ، لپ کن ڪچا چانور، اُڦراٽا، بُسرِي، ميوو، پاڻي سان ڀريل گلاس ۽ ڀُڳل گوشت ڌوڪ ڏيندڙ اوڀر طرف منھن ڪري پنھنجي اڳيان رکي ڇيڻو ٻاري دونهون ڪندا آهن، آڳاٽي زماني ۾ ڌوڪ ڏيڻ واري جاءِ تي ڳئونءَ جي گوبر سان ليپو ڏنو ويندو هو، ان جي جاءِ تي هينئر فقط ڇيڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو.

سگائي تي سوا ڪلو ڳڙ ۽ ڪيسُو ڦل ۽ سُٽ جو ڌاڳو جنهن کي اوڏ مدراسِي ڌاڳو چوندا آهن. ڌوڪ ڏيندڙ پاران هٿ جوڙي دعا يا پُوڄا ڪئي ويندي آهي. جڏهن ڌوڪ ڏيندڙ پُوڄا ختم ڪندو آهي ته پوءِ پاڻيءَ جو گلاس کڻي پٺيان ويٺل ماڻهن تي ان جو ڇنڊو هنيو ويندو آهي تہ جيئن انهن سڀني تي رحمت وسندي رهي. ان بعد گوشت يا ڳڙ ڌوڪ ۾ شريڪ ٿيندڙن ۾ کائڻ لاءِ ورهايو ويندو آهي ۽ اهو ڳڙ مٽن مائٽن ڏانهن سوکڙي طور بہ اماڻيو ويندو آهي. ساڳئي نموني ستن اڦراٽن جي ڌوڪ ڏئي اهي ٿورو ٿورو ماڻھن ۾ ورهايا ويندا آهن. ان کان پوءِ ڪيسُوڦل جي پُسيل پاڻيءَ ۾ آڱريون ٻوڙي سگائي ۾ شريڪ ٿيندڙ مُکين جي پٽڪن يا ٽوپيءَ تي لڳايون وينديون آهن، جنهن کي تِلڪ چئبو آهي. اڄڪلھ ٽوپي ۽ پٽڪي جو رواج ختم ٿيڻ ڪري نِرڙ تي تِلڪ لڳايو ويندو آهي. ان بعد هڪ ڌاڳي کي ڪيسُوڦل واري پاڻيءَ ۾ پُسائي مُکين جي پٽڪن ۽ ٽوپين سان ٻڌو ويندو آهي.

جديد دور مطابق ٽوپي ۽ پٽڪي پائڻ جو رواج تمام گهڻو گهٽجي وڃڻ ڪري ٽوپي يا پٽڪي ۾ ڌاڳو ٻڌڻ بجاءِ اهو کيسي ۾ وڌو ويندو آهي. ان مان اهو ظاهر ٿيندو آهي تہ اهي ڪنھن جو مڱڻو يعني سگائي ڪري آيا آهن ۽ ماڻهن جي پڇڻ تي کين ٻڌائيندا آهن ته، اهي ڦلاڻي جي سگائي ڪري آيا آهن، سگائي جي رسم ۾ شريڪ ٿيندڙن کي مکي وڏي واڪي اعلان ڪندي ٻڌائيندو آهي تہ هي سگائي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ طئي ڪئي وئي آهي. ڌوڪ ختم ٿيڻ بعد سڀئي پلوَ يعني جهولي جهلڻ جو چئي ” آيو لال ڪيو جهُولي لال“ جو نعرو هڻندا آهن جنھن جو مقصد سگائي ۾ موجود ماڻهن پاران آشيرواد گهرڻ هوندو آهي. ان کان پوءِ ڀنگ بہ گهوٽي تيار ڪئي ويندي آهي. ڀنگ پيئڻ جي انهيءَ عمل کي حال لال سائين (قلندر لعل شھباز) جو پيالو سڏيندا آهن. اھا ڀنگ، مرد، عورتون ٻڍا توڙي ٻار بہ پيئندا آهن. ڀنگ ورهائيندڙ شخص، ٻين سڀني کي ڀنگ پياري آخر ۾ پاڻ بہ پيئندو آهي ۽ پوءِ برادريءَ جي ماڻهن کان گلاس رکڻ جي اجازت وٺي گلاس رکندو آهي. لعل سائينءَ جو اهو پيالو گهوٽ جي پيءُ يا ڀاءُ سڀني کي پياريندو ويندو آهي.

ڪتاب ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“ جي صفحي نمبر 92 تي ليکڪ اشتياق انصاري سگائي ۾ آفيم مليل پاڻي پيئڻ جي رسم کي ”رهاڻ“ جو نالو ڏنو آهي، پر راقم الحروف کي اهڙي ڪا بہ شاهدي نہ ملي سگهي آهي. ٿي سگهي ٿو تہ چند ماڻھو ايئن ڪندا هجن، پر ان کي پوري اوڏ برادريءَ سان منسوب ڪرڻ درست ناهي، تنھن بعد مٺائي ورهائي ويندي آهي. ڪٿي ڪٿي وري مسلمانن کان ڇيلو ذبح ڪرائي سگائي ۾ آيل مھمانن کي ماني کارائي ويندي آهي. اڄڪلھ ڪٿي ڪٿي وقت ۽ پيسن جي بچت خاطر اهو رواج عام ٿي ويو آهي تہ ٻين رسمن ادا ڪرڻ کان سواءِ فقط مٺائي گهرائي ان جي ڌوڪ ڏئي سگائي ڪئي ويندي آهي. اهڙي نموني اوڏ برادريءَ ۾ سگائي جون رسمون ادا ڪيون وينديون آهن. هندستان جا اوڏ سگائي ۾ فقط بُوندِي ورهائي سگائي ڪندا آهن. ان کان علاوه ٻي ڪا به رسم ادا نہ ٿا ڪن. هندستاني اوڏ وِشنوئِي (گوشت خور نہ هئڻ)  ڪري سگائي جي موقعي تي مشروبات ۽ مٺائي جو اهتمام ڪندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو