اوچتو باهه لڳڻ سبب 4 پورهيتن جا گهر رک ٿي ويا

راڻيپور (رپورٽ حيدر علي)ڳوٺ جادل جوڻو ۾ اوچتو گهرن کي باهه لڳي ويئي باه لڳڻ سبب چئن پورهيتن غلام حسين منٺار  بهار ۽ بلاول جوڻو جي گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو اطلاع باوجود فائربريگيڊ 3 ڪلاڪن بعد  پهتي ڳوٺاڻن پاران پنهجي مدد پاڻ تحت وڏي ڪوشش بعد باه تي ضابطو آندو وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو ڳوڻاڻن پاران فائر برگيڊ کي اطلاع ڏنو پر 3 ڪلاڪن بعد گاڏي پهتي. متاثر ٿيل گھر ڌڻين جو لکين روپين جو نقصان ٿي ويو ۽ سندن گھر ۾  پيل الھ تلھ  سڙي ويو باھ متاثرن جي مدد لاء  ڪوبه سياسي نمائيندو يا  سرڪاري ڪامورو  مدد لاء نه پھتو ھو  آخري اطلاعن تائين متاثر کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل ھئا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو