شر۽ سيلرا تڪرار جي مقتولن جي تدفين، ڪيس داخل، ڇڪتاڻ برقرار

اوٻاوڙو (ن س) اوٻاوڙو ۾ سيلرا ۽ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 3 ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقتولن جا مڙهه جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان گلڻ شاھ ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.  ڳوٺ محبوب سيلرو تي شر برادري جي هٿياربندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ٽي خون ڪيا هئا. حملي ۾ الله بچايو سيلرو، جيوڻ سيلرو ۽ عبدالرسول سيلرو مارجي ويا هئا، جڏهن ته پنجڻ سيلرو ۽ خير محمد سيلرو زخمي ٿيا هئا. واقعي جي ماڇڪو ٿاڻي تي شير محمد سيلرو جي فرياد تي شر برادري جي عمر شر، علي حسن شر ، ڪريم شر ، شاهنواز شر ، نادر شر ۽ شهزادو شر سميت 30 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ماڇڪو پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن. علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، جنهن سبب علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، ڌريون مورچا بند آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو