اولهه اسلام خلاف ٻيهر صليبي جنگون شروع ڪرڻ چاهي ٿو، اردگان

انقره(ويب ڊيسڪ)ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان گستاخي خاڪن تي فرانس سان وڌندڙ ڇڪتاڻ جي باري ۾ چيو آهي ته اولهه ملڪ اسلام جو مذاق اڏائي صليبي جنگ ٻيهر شروع ڪرڻ چاهن ٿا. فرانسيسي خابرو اداري موجب پارليامينٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي ترڪي جي صدر رجب اردگان جو چوڻ هو ته حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جي ذات تي حملن خلاف بيهڻ اسان جي عزت جو معاملو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته انقره ڊگهي عرصي تائين جنگ جي تياري ڪري. هن چيو ته مون ڪارٽون ناهي ڏٺو ڇو ته مان سمجهان ٿو ته ان غير اخلاقي ڇپائي کي ڏسڻ غلط آهي. هن پنهنجي رڪارڊ لاءِ آفريقا ۽ وچ اوڀر ۾ نوآباديات طاقتن کي قاتل جي طور تي بيان ڪندي چيو ته اولهه هڪ ڀيرو ٻيهر بربريت طرف هليو ويو آهي. طيب اردگان جو چوڻ هو ته هو واضح طور تي ٻيهر صليبي جنگ شروع ڪرڻ چاهي ٿو ڇو ته صليبي جنگ کانپوءِ مسلمانن جي زمينن تي برائي ۽ نفرت جا ٻج پوکيا ويا ۽ ان وقت کان امن متاثر رهيو آهي. خيال رهي ته فرانس سان ڇڪتاڻ ان وقت شروع ٿي جڏهن ڪجهه ڏينهن هڪ استاد فرانسيسي ميگزين چارلي هيبڊ ۾ گستاخي وارا خاڪا ڇاپيا، جنهن کانپوءِ انهيءَ استاد جو سر قلم ڪيو ويو. هن وقت فرانس پاران گستاخانه خاڪن جي ڇپائي جي قدمن جو دفاع ڪيو ويو، جنهنجي سبب مسلم ملڪن ۾ ڪاوڙ ۽ ڏک جو لهر ڇانيل آهي ۽ مسلمان ملڪن ۾ فرانس خلاف مظاهرا ٿي رهيا آهن. وڌيڪ اهو ته ترڪي جي ڪاوڙ ۾ وڌيڪ ان وقت اضافو ٿيو جڏهن چارلي هيپڊو رسالي ۾ ترڪي جي صدر جو توهين ڪندڙ ڪارٽون ڇاپيو ويو. ترڪي صدر جو چوڻ هو ته انهن جي ڪارٽونن جي جواب ۾ قانوني ۽ سفارتي قدم کڻندو. رسالي جي اهڙي حرڪت تي فرانس جي سفير کي ترڪ پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو