اوطاق تي حملي جو ڪيس 9 جوابدارن تي داخل

نوشھروفيروز (منظور ملڪ) پڊعيڊن شھر ۾ ھٿيار بندن جو ڳوٺ باران مري ۾ پنھنجي اوطاق تي ويٺل لياقت علي عرف قالو سيال ۽ عزيزالله سيال تي  فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. زخمين کي فوري طور تي رورل ھيلٿ سينٽر پڊعيدن علاج لاء منتقل ڪيو ويو. واقعي خلاف سيال برادري پاران نصرت واھ موري تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاء ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو پڊعيدن پوليس پاران حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪرڻ ۽ مٿن ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد احتجاجي مظاھرو ختم ڪيو ويو۔ پڊعيدن ٿاڻي تي سومر سيال جي فرياد تي مبيجا برادري جي 9 جوابدارن پوليس اھلڪار  صفدر مبيجو، عبدالقيوم مبيجو، عبدالفتاح مبيجو ، نيڪ محمد، عبدالقادر، غلام مرتضي، عاقب ، ثناء الله ۽ عنايت علي مبيجو خلاف حملي جي ايف آء آر داخل ڪرائي وئي جڏھن ته آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري نه ٿي سگھي۔ صحافين سان ڳالھائيندي سومر سيال، لطف سيال چيو ته پوليس اھلڪار صفدر مبيجو بنا جواز ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور شريف سيال سان منھن ماري ڪئي جنھن بعد صفدر مبيجو فون تي ھٿيارن سان ليس پنھنجا ماڻھو گھرائي حملو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو