اهلڪارن سان بدتميزي، عامر لياقت خلاف ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پي ٽي آءِ ايم اين اي عامر لياقت خلاف ٽرئفڪ اهلڪارن سان بدتميزي، ڌمڪين۽ جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فيروز آباد ٿاڻي تي ٽرئفڪ پوليس جي اي ايس آءِ شاهد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ اي ايس آءِ موقف اختيار ڪيو آهي ته اڱاري ڏينهن هو ڊيوٽي ڪري رهيا هئا ته هڪ گاڏي اچي بيهي رهي،گاڏي مان 3 ماڻهو ٻاهر نڪري آيا ۽ اهلڪارن تي رڙيون شروع ڪيون، جوابدارن ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي عامر لياقت به شامل هو، عامر لياقت جي ٽرئفڪ اهلڪارن سان گارگند ۽ بدتميزي ڪئي جنهن جي ويڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو