انگلينڊ ۾ شڪست بعد پاڪستاني ٽيم ويسٽ انڊيز رواني

لنڊن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي هارائڻ بعد ويسٽ انڊيز رواني ٿي وئي. 11 رڪني اسڪواڊ اسلام آباد مان وايا لنڊن 26 جولاءِ تي باربا ڊوس رواني ٿيندي. ويسٽ انڊيز ۾ هو ٻن ٽيسٽ ميچز ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز کيڏندا. پاڪستان مان ويندڙ 11 رڪني اسڪواڊ کي هوٽل ۾ ڪالهه کان آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي ۽ هنن عيد به هوٽل ۾ ملهائي. جتي سندن ڪورونا ٽيست ٿيندي جنهن بعد کين روانو ڪيو  ويندو. ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 12 آگسٽ تي جميڪا ۾ کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو