انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز خلاف سيريز اهم آهن،مصباح الحق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تيارين لاءِ انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز خلاف سيريز اهم آهن. انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون مضبوط آهن، قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڪيٽر جيڪي پاڪستان ۾ موجود آهن، اهي اڄ مقامي هوٽل ۾ رپورٽ ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ٽيم جي فيڊلنگ جو معيار نيوزيلينڊ جي دوري کانپوءِ بهتر ٿيو آهي، پر ڊوميسٽڪ جي سطح تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جِي ضرورت آهي، اسان وٽ وقت آهي، مسئلا حل ڪرڻ جو موقعو موجود آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مڊل آرڊر تي اسان خدشا آهن، اميد آهي ته خاميون ختم ڪيو وينديون. هن چيو ته ابوظهبي ۾ پي ايس ايل جاري آهي، امڪان آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ به ابوظهبي ۾ ٿئي، پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي ڪنڊيشنز کي سمجهڻ جو موقعو ملندو. هڪ سوال جي جواب ۾ مصباح الحق چيو ته محمد عامر بابت اڳ ئي چئي چڪو آهيان ۽ هاڻ به چئي رهيو آهيان ته محمد عامر پرفارمنس ۽ انجريز جي ڪري ڊراپ ٿيو، منهنجي ان سان ذاتي دشمني ناهي، هو منهنجي ڪوچنگ ۾ واپس اچي، خبر ناهي ته محمد عامر جو ڇو مسئلو بڻايو ويو، عامر رٽائرمينٽ ورتي آهي، جيڪڏهن هو رٽائرمينٽ واپس وٺي ۽ سٺو پرفارم ڪري ته ڇو نه واپس ايندو. هن چيو ته اعظم خان کي واپس آڻڻ لاءِ ڪودٻاءُ نه هو، پنج ڇهه نمبر تي جن کي موقعو ڏنو، اهي پرفارم نه ڪري سگهيا، اعظم خان کي بهترين صلاحيتن جي ڪري موقعو ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو