انگلينڊ پاران ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست

ڊربن (ويب ڊيسڪ) انگليند ڏکڻ آفريڪا کي سندس ئي گهر ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد ٻن رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي. جنهن  بعد ٽن ميچن جي سيريز هڪ هڪ کان برابر ٿي وئي آهي. پهرين ميچ ڏکڻ آفريڪا کٽي هئي. ڊربن ۾ کيڏيل ميچ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. معين علي 3 چوڪن ۽ 4 ڇڪن جي مدد سان شاندار اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابي م اهم ڪردار ادا ڪيو. ڏکڻ آفريڪا جاز بٽلر کي 17 جي مجموي اسڪور تي آئوٽ ڪيو جنهن بعد جيسن رائي ۽ بيئر اسٽوو ترتيبوار 40 ۽ 35 رنز جي اننگ کيڏي ٽيم جي پوزيشن مضبوط ڪئي. ٻئي رانديگر 90 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيا ته ڪپتان مورگن بين اسٽوڪ سان گڏجي اسڪور 123 تي پهچايو. 16 هين اوور ۾ ڪيريز تي ايندڙ معين علي جارحاڻو انداز اختيار ڪيو ۽ 11 بالن تي 39 رنز ٺاهيون.

انگلينڊ 20 اوورز م 7 وڪيٽن تي 204 رنز ٺاهيون، بين اسٽوڪ 47 تي ناٽ آئوٽ رهيو. ڏکڻ آفريڪا جي نگيدي 3 ۽ فيلڪوايو 2 وڪيٽ ورتيون. ڪپتان ڊي ڪوڪ 22 بالن تي ٻن چوڪن ۽ 8 ڇڪن جي مدد سان 65 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو. بووما 31 رنز ٺاهيون، اسٽارٽ ڀلو ورتو پر بعد ملر 21 رنز تي آئوٽ ٿيو وين ڊوسن 43 ناٽ آئوٽ ٺاهي ٽيم کي کٽائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ٻن رنز تان ميچ هارائي ويا. ڏکڻ آفريڪا به 7 وڪيٽن تي 20 اوورز ۾ 202 رنز ٺاهيون. معين علي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. سيريز جو ٽيون ۽ آخري ميچ آچر تي کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو