انڊين پريمئر ليگ عرب امارات ۾ ڪرائڻ تي غور

ڪراچي (ويب ديسڪ) انڊين پريمئر ليگ (اءِ پي ايل) جيڪا هلندڙ سال ڪورونا وائرس سبب ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ان بابت اها سيپٽمبر ۾ متحده عرب امارات ۾ منعقد ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ڪرڪ انفو ويب سائيٽ ڀارتي ڪرڪٽ بورڊ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته 26 سيپٽمبر کان 7 نومبر تائين آءِ پي ايل منعقد ڪرڻ تي صلاح مشورا هلن ٿا. ان ڏس ۾ حتمي فيصلو آسٽريليا ۾ 18 آڪٽوبر کان 15 نومبر تائين رٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بابت انٽر نيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل جي فيصلي بعد ڪيو ويندو. آءِ سص سص 30 جولاءِ تي گهرايل اجالس ۾ حتمي فيصلو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو