انڊس هاءِ وي تي حادثي ۾ ٻارڙو فوت، 5 ڄڻا زخمي

مانجهند (ن سنڌيار)سن ڀرسان انڊس هاءِ وي تي حادثي ۾ ٻارڙو فوت،  عورتن ۽ ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.  انڊس هاء وي تي سيوهڻ کان ڄامشورو  طرف ويندڙ ڪار ۽  ڄامشورو کان سيوهڻ ويندڙ رڪشا ۾ تيز رفتاري سبب ڪنٽرول مان نڪري آمهون سامهون ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ چنگچي سوار ڄامشورو واسي   3 ورهين جو نينگر سليم چنا ولد نعمت الله موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته  سندس ماء رڪيا زال نعمت الله  چنا نادره   رافيا مهتاب چنا ڪار ڊرائيور  محمد احمد زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻھن هيلٿ سينٽر سن موڪليو جتي علاج جون سهولتون نه هئڻ سبب کين سول اسپتال ريفر ڪيو ويو وڏا ڇڇر پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو  آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو