انصاف جو نظام مجرمن جي حق ۾ جهڪيل آهي، خالد جاويد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو آهي ته ملڪي انصاف جو نظام وڏي حد تائين متاثرن جي بجاءِ ڏوهارين جي حق ۾ جهڪيل آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نئين عدالتي سال جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مجرم مالي ۽ سماجي طور مضبوط آهي ته پوءِ بدترين ناانصافي ٿئي ٿي. انصاف جو نظام مالي  سماجي طور مضبوط مجرمن کي مڪمل دفاع فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته 3 سالن جي ٻارڙي هجي يا 3 ٻارن جي ماءُ اهي سڀ نشانو بڻجن ٿيون، ڪارو ڪاري ۾ ماريل ڪجهه عورتن کي قبر به نصيب نٿي ٿئي ۽ هي وقت اهي اجتماعي احتساب جو وقت آهي. هن چيو ته سول ڪيس نسلن تائين هلندا رهن ٿا، ڪرمنل ڪيسن ۾ جاچ درست نه ٿيڻ ۽ ناڪافي ثبوتن سبب ڏوهارين کي سزا نٿي ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو